نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار سان جي بي سي جي چيئرمين شهزاده منصور بن محمد آل سعود جي ملاقات

اسلام آباد _ 08 آڪٽوبر (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار سعودي پاڪستان گڏيل بزنس ڪائونسل (جي بي سي) جي چيئرمين شهزاده منصور بن محمد آل سعود سان ڳالهه ٻولهه ڪندي چيو آهي ته پاڪستان ۽ سعودي عرب جي وچ ۾ اقتصادي لاڳاپا تيزي سان وڌي رهيا آهن ۽ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ سيڙپڪاري ۽ واپار جا وسيع موقعا موجود آهن. پرڏيهي آفيس …

اسلام آباد _ 08 آڪٽوبر (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار سعودي پاڪستان گڏيل بزنس ڪائونسل (جي بي سي) جي چيئرمين شهزاده منصور بن محمد آل سعود سان ڳالهه ٻولهه ڪندي چيو آهي ته پاڪستان ۽ سعودي عرب جي وچ ۾ اقتصادي لاڳاپا تيزي سان وڌي رهيا آهن ۽ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ سيڙپڪاري ۽ واپار جا وسيع موقعا موجود آهن. پرڏيهي آفيس پاران جاري بيان موجب سعودي پاڪستان گڏيل بزنس ڪائونسل (جي بي سي) جي چيئرمين شهزاده منصور بن محمد آل سعود نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار سان ملاقات ڪئي جيڪو هڪ اعليٰ سطحي سعودي ڪاروباري وفد سان گڏ پاڪستان جي دوري تي آهي. نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير ٻنهي ڀائر ملڪن جي وچ ۾ وڌندڙ اقتصادي تعاون تي اطمينان جو اظهار ڪيو ۽ چيو ته پاڪستان حڪومت سعودي سيڙپڪارن کي هر ممڪن سهولت فراهم ڪرڻ جي لاءِ پرعزم آهي. هن پاڪستان جي سازگار سيڙپڪاري ماحول ۽ غيرملڪي سيڙپڪاري جي امڪانن کي پڻ اجاگر ڪيو. شهزاده منصور بن محمد آل سعود ان موقعي تي سعودي – پاڪ گڏيل بزنس ڪائونسل جي ڪاميابين کي ساراهيندي چيو ته اها دنيا جي ڪامياب ترين بزنس ڪائونسلز مان هڪ آهي. هن ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ اقتصادي لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. ٻنهي ڌرين گڏيل خوشحالي ۽ ترقي جي لاءِ اقتصادي تعاون کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ تي اتفاق ڪيو.

مزید خبریں