تهران-08 آڪٽوبر (اي پي پي) ايران اسرائيلي وزيراعظم جي ان بيان جي مذمت ڪئي آهي ته جنهن ۾ ايراني عسڪري صلاحيتن جي حوالي سان ”خيالي خطري“ کي وڌائي پيش ڪيو ويو. پرڏيهي ميڊيا موجب ايراني پرڏيهي وزير عباس عراقچي نيتن ياهو جي ان بيان جي مذمت ڪئي آهي جنهن ۾ چيو ويو آهي ته ايران وٽ 8 هزار ڪلوميٽر تائين جي رينج وارا بيلسٽڪ ميزائل آهن جيڪي آمريڪا تائين مار …
اسرائيل اسان جي دفاعي صلاحيتن کي خطرو ظاهر ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي: ايران
تهران-08 آڪٽوبر (اي پي پي) ايران اسرائيلي وزيراعظم جي ان بيان جي مذمت ڪئي آهي ته جنهن ۾ ايراني عسڪري صلاحيتن جي حوالي سان ”خيالي خطري“ کي وڌائي پيش ڪيو ويو. پرڏيهي ميڊيا موجب ايراني پرڏيهي وزير عباس عراقچي نيتن ياهو جي ان بيان جي مذمت ڪئي آهي جنهن ۾ چيو ويو آهي ته ايران وٽ 8 هزار ڪلوميٽر تائين جي رينج وارا بيلسٽڪ ميزائل آهن جيڪي آمريڪا تائين مار ڪري سگهن ٿا. عباس عراقچي چيو ته اسرائيل اسان جي دفاعي طاقت کي هڪ خيالي خطرو ڏيکارڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي. اسان وٽ وڏي انگ ۾ ديسي ساخت بيلسٽڪ ميزائل موجود آهن جن ۾ شهاب 3 به شامل آهي جيڪو 2 هزار ڪلوميٽر تائين جي رينج رکندڙ آهي ۽ اسرائيل تائين مار ڪرڻ جي صلاحيت رکي ٿو. واضح رهي ته اسرائيلي وزيراعظم سومر تي چيو هو ته ايران اهڙا ميزائيل تيار ڪري رهيو آهي جيڪي آمريڪي شهرن تائين پهچي سگهن ٿا، هڪ پوڊ ڪاسٽ ۾ ڳالهائيندي نيتن ياهو چيو ته ايران هن وقت 8 هزار ڪلوميٽر تائين هڪ کنڊ کان ٻي کنڊ تائين مار ڪندڙ بيلسٽڪ ميزائيل تيار ڪري رهيو آهي.








