قومي اسيمبلي جي اسپيڪر پاران اورڪزئي ضلعي ۾ فتنه الخوارج جي 19 دهشتگردن کي مارڻ تي سيڪيورٽي فورسز کي خراج تحسين، شهيدن کي خراج عقيدت پيش

اسلام آباد-08 آڪٽوبر (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق اورڪزئي ضلعي ۾ فتنه الخوارج جي 19 دهشتگردن کي مارڻ تي سيڪيورٽي فورسز کي خراج تحسين پيش ڪندي آپريشن ۾ ليفٽيننٽ ڪرنل جنيد طارق ۽ ميجر طيب راحت سميت شهيد ٿيل 11 آفيسرن ۽ جوانن کي خراج عقيدت پيش ڪيو آهي. پنهنجي بيان ۾ هن چيو ته ليفٽيننٽ ڪرنل جنيد طارق ليڊنگ فرام فرنٽ جو عظيم مثال …

اسلام آباد-08 آڪٽوبر (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق اورڪزئي ضلعي ۾ فتنه الخوارج جي 19 دهشتگردن کي مارڻ تي سيڪيورٽي فورسز کي خراج تحسين پيش ڪندي آپريشن ۾ ليفٽيننٽ ڪرنل جنيد طارق ۽ ميجر طيب راحت سميت شهيد ٿيل 11 آفيسرن ۽ جوانن کي خراج عقيدت پيش ڪيو آهي. پنهنجي بيان ۾ هن چيو ته ليفٽيننٽ ڪرنل جنيد طارق ليڊنگ فرام فرنٽ جو عظيم مثال قائم ڪيو جيڪا پاڪ فوج جي روايت آهي.پاڪ فوج ۽ سيڪيورٽي فورسز فتنه الخوارج جي مڪمل خاتمي لاءِ پرعزم آهن. دهشتگردي خلاف جنگ ۾ پاڪ فوج جون قربانيون رائيگان نه وينديون. هن چيو ته دهشتگرد عنصر ڪڏهن به پنهنجي ناپاڪ ارادن ۾ ڪامياب نه ٿيندا. اسپيڪر سردار اياز صادق شهيدن جي وارثن سان دلي تعزيت ۽ مڪمل يڪجهتي جو اظهار ڪيو ۽ دعا ڪئي ته الله شهيدن جا درجا بلند فرمائي ۽ وارثن کي صبر عطا ڪري. هن چيو ته سيڪيورٽي فورسز دهشتگردي خلاف جنگ ۾ لازوال قربانيون ڏنيون آهن. سڄي قوم پاڪ فوج جي قربانين کي سلام پيش ڪري ٿي.

مزید خبریں