ماحولياتي تبديلين سبب ايندڙ آفتن جو تسلسل وڌي رهيو آهي: سينيٽر شيري رحمان

اسلام آباد-08 آڪٽوبر (اي پي پي) پاڪستان پيپلزپارٽي جي نائب صدر سينيٽر شيري رحمان چيو آهي ته ماحولياتي تبديلين سبب ايندڙ آفتن جو تسلسل وڌي رهيو آهي جنهن سان وڏي پئماني تي تباهي ٿيندي آهي، اسان کي گهرجي ته  خطرن کي منهن ڏيڻ لاءِ گڏجي ڪم ڪريون. گذريل ڏينهن 8 آڪٽوبر 2005ع جي خطرناڪ زلزلي کي 20 ورهيه مڪمل ٿيڻ تي پنهنجي پيغام ۾ هن چيو ته ان زلزلي کي …

اسلام آباد-08 آڪٽوبر (اي پي پي) پاڪستان پيپلزپارٽي جي نائب صدر سينيٽر شيري رحمان چيو آهي ته ماحولياتي تبديلين سبب ايندڙ آفتن جو تسلسل وڌي رهيو آهي جنهن سان وڏي پئماني تي تباهي ٿيندي آهي، اسان کي گهرجي ته  خطرن کي منهن ڏيڻ لاءِ گڏجي ڪم ڪريون. گذريل ڏينهن 8 آڪٽوبر 2005ع جي خطرناڪ زلزلي کي 20 ورهيه مڪمل ٿيڻ تي پنهنجي پيغام ۾ هن چيو ته ان زلزلي کي 20 سال گذري ويا ۽ متاثر اڄ به اسان جي يادن ۾ زنده آهن، مشڪل وقت ۾ اسان ثابت ڪيو ته اسان مضبوط قوم آهيون، ماحولياتي تبديلين سبب ايندڙ آفتن جو تسلسل وڌي رهيو آهي جنهن سان وڏي پئماني تي تباهي ٿيندي آهي. هن چيو ته تازي ٻوڏ سبب ساڍا 6 لک ماڻهو متاثر ٿيا، مجموعي طور تي 3856 ارب روپين جو نقصان ٿيو، زرعي زمين ۽ گهر تباهه ٿيا، روزگار ۽ بنيادي سهولتون به متاثر ٿيون، چانور، ڪپهه ۽ ڪمند جو فصل بري طرح متاثر ٿيو. شيري رحمان چيو ته مضبوط ۽ مزاحمتي انفرا اسٽرڪچر بڻائڻ اسان جي حفاظت جو بنياد آهي، اسان کي گهرجي ته خطرن کي منهن ڏيڻ لاءِ گڏجي ڪم ڪريون. هن چيو ته رليف جي نظام کي وڌيڪ بهتر ۽ موثر بڻائڻ جي ضرورت آهي، محفوظ عمارتون ۽ انفرا اسٽرڪچر بڻائڻ تي خاص ڌيان ڏيڻو پوندو، هن چيو ته الله ڪري اسان جو ملڪ هميشه محفوظ ۽ خوشحال رهي.

مزید خبریں