شرم الشيخ-08 آڪٽوبر (اي پي پي) مصر ۾ جاري غزه امن ڳالهين جي ٽئين ڏينهن قطر جو وزيراعظم ۽ آمريڪا ۽ ترڪيه جا سينئر نمائندا به فلسطيني ۽ اسرائيلي ڳالهيون ڪندڙن ۾ شامل هوندا. پرڏيهي ميڊيا موجب مصر جي تفريحي ماڳ شرم الشيخ ۾ ڳالهيون جاري آهن جنهن جو بنياد گذريل مهيني آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي تجويز ڪيل 20 نڪاتي منصوبي تي آهي. قطر جو وزيراعظم شيخ محمد بن …
غزه امن ڳالهين ۾ قطر جو وزيراعظم، آمريڪا ۽ ترڪيه جا سينئر نمائندا به شامل هوندا
شرم الشيخ-08 آڪٽوبر (اي پي پي) مصر ۾ جاري غزه امن ڳالهين جي ٽئين ڏينهن قطر جو وزيراعظم ۽ آمريڪا ۽ ترڪيه جا سينئر نمائندا به فلسطيني ۽ اسرائيلي ڳالهيون ڪندڙن ۾ شامل هوندا. پرڏيهي ميڊيا موجب مصر جي تفريحي ماڳ شرم الشيخ ۾ ڳالهيون جاري آهن جنهن جو بنياد گذريل مهيني آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي تجويز ڪيل 20 نڪاتي منصوبي تي آهي. قطر جو وزيراعظم شيخ محمد بن عبدالرحمان الثاني، ترڪيه جو انٽيليجنس چيف ابراهيم ڪالن، ٽرمپ جو وچ اوڀر جو خاص ايلچي اسٽيووٽ ڪوف ۽ جيرڊ ڪشنر ڳالهين ۾ شرڪت ڪرڻ واراآهن. آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ هڪ ڏينهن اڳ اوول آفيس ۾ صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته ڳالهين ۾ آمريڪي ڳالهيون ڪندڙ به شامل هئا. هن وڌيڪ چيو ته منهنجي خيال ۾ ان ڳالهه جو امڪان آهي ته اسان وچ اوڀر ۾ امن قائم ڪري سگهون ٿا. هي غزه جي صورتحال کان به اڳتي جي شيءَ آهي. اسان يرغمالين جي فوري آزادي چاهيون ٿا، ٽرمپ چيو ته جيڪڏهن ڌريون جنگ بندي تي راضي ٿي وڃن ٿيون ته آمريڪا ان ڳالهه کي يقيني بڻائڻ لاءِ هر ممڪن ڪوشش ڪندي ته هر ڪوئي معاهدي جي پاسداري ڪري. واضح رهي ته گذريل هفتي جي آخر ۾ اٽلي، اسپين، آئرلينڊ ۽ برطانيه سميت سڄي دنيا جي ملڪن جي ڪيترن ئي شهرن ۾ لکن جي تعداد ۾ مظاهرين فلسطين جي حامي وڏي پئماني تي مظاهرن ۾ شامل هئا، جن ۾ جنگ جي فوري خاتمي جو مطالبو ڪيو ويو، نيڌرلينڊ ۾ مظاهرين پنهنجي حڪومت کان فلسطيني رياست کي تسليم ڪرڻ جو مطالبو ڪيو، فلسطيني ڳالهيون ڪندڙن موجب هو آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ ۽ اسپانسر ملڪن کان ان ڳالهه جي ضمانت چاهين ٿا ته جنگ هميشه لاءِ ختم ٿي ويندي. فلسطيني عملدارن موجب اڱاري جي اجلاس ۾ غزه کان اسرائيل فوجين جي نڪرڻ جي حوالي سان پيش ڪيل شروعاتي نقشن سان گڏوگڏ يرغمالين ۽ قيدين جي مٽاسٽا جي طريقيڪار ۽ ٽائيم ٽيبل تي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي.








