سڀئي ڌُريُون گڏيل تعاون سان آفتن جي اثرن کي گهٽ ڪرڻ، گڏيل تياري کي وڌائڻ ۽ ضرورتمندن جي تحفظ جي لاءِ ڀرپور ڪردار ادا ڪن: صدر آصف علي زرداري

اسلام آباد _ 08 آڪٽوبر (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري چيو آهي ته هر سال 8 آڪٽوبر تي اسان 2005ع جي ان تباهي آڻيندڙ زلزلي کي ياد ڪريون ٿا جنهن ۾ 80 هزار کان وڌيڪ قيمتي جانيون ضايع ٿيون، لکين ماڻهو زخمي ٿيا ۽ لکين خاندان بي گهر ٿيا، وفاقي ۽ صوبائي ادارن، سمورين ڌرين، سول سوسائٽي، تعليمي ادارن ۽ نجي شعبي کي اپيل ڪريان ٿو ته اهي …

اسلام آباد _ 08 آڪٽوبر (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري چيو آهي ته هر سال 8 آڪٽوبر تي اسان 2005ع جي ان تباهي آڻيندڙ زلزلي کي ياد ڪريون ٿا جنهن ۾ 80 هزار کان وڌيڪ قيمتي جانيون ضايع ٿيون، لکين ماڻهو زخمي ٿيا ۽ لکين خاندان بي گهر ٿيا، وفاقي ۽ صوبائي ادارن، سمورين ڌرين، سول سوسائٽي، تعليمي ادارن ۽ نجي شعبي کي اپيل ڪريان ٿو ته اهي گڏيل تعاون سان آفتن جي اثرن کي گهٽ ڪرڻ، گڏيل تياري کي وڌائڻ ۽ ضرورتمندن جي تحفظ جي لاءِ ڀرپور ڪردار ادا ڪن. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر آصف علي زرداري ”قومي استقامت ڏهاڙي“ 8 آڪٽوبر 2025ع جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ چيو ته هن ڏينهن اسان انهن سمورن ماڻهن کي به خراج تحسين پيش ڪريون ٿا جن پاڪستان جي تاريخ ۾ ايندڙ قدرتي ۽ انساني پيدا ڪيل آفتن کي يڪجهتي سان منهن ڏنو ۽ انهن جي اثرن کي برداشت ڪرڻ ۾ قوم جو ساٿ ڏنو. صدر آصف علي زرداري چيو ته هر سال ان زلزلي جي ويهين ورسيءَ آهي، هڪ عظيم الشان ثبوت پاڪستاني عوام جي ناقابل شڪست روح جو، هڪ ناقابل تصور سانحي جي سامهون اسان سڀ گڏجي اٿياسين، پاڙيسري مددگار بڻيا، اجنبي خاندان بڻجي ويا ۽ اسان جي قوم وڌيڪ مضبوط، وڌيڪ متحد ۽ وڌيڪ پرعزم ٿي هڪ شاندار مستقبل جي تعمير طرف وڌي. آصف علي زرداري چيو ته آفتن جي راک سان اسان اسڪول، اسپتالون ۽ گهر ٻيهر تعمير ڪيا. اسان اهو سکيو ته اصل طاقت مشڪلاتن کان بچڻ نه آهي پر انهن کي ايمان، اتحاد ۽ جدت سان عبور ڪرڻ ۾ آهي. جيئن جيئن اسان اڳتي وڌون ٿا، اچو هڪ اهڙي قوم تعمير ڪريون جنهن کي ڪا آفت پنهنجي همت کان محروم نه ڪري سگهي. هن چيو ته هن ئي سال اسان هڪ ٻي تباهي آڻيندڙ سانوڻي ۽ ٻوڏ کي منهن ڏنو  جنهن ۾ وڏي انگ ۾ ماڻهو اڄ به بي گهر آهن. زراعت، بنادي ڍانچي، خدمتن ۽ روزگار جي شعبن ۾ وڏو نقصان رڪارڊ ڪيو ويو آهي. اهو اسان کي موسمياتي تبديلي جي وڌندڙ خطرن جي هڪ سخت ياد ڏياري ٿو. صدر چيو ته عالمي ڪاربن اخراج ۾ پاڪستان جو حصو نه هجڻ جي برابر آهي، پر ٻين ننڍين اسرندڙ معيشتن وانگر اسان به ان جي نتيجن جو غيرمتناسب بار کڻي رهيا آهيون. هن چيو ته گذريل سالن ۾ پاڪستان جي ڊيزاسٽر مئنيجمينٽ فريم ورڪ نمايان اڳڀرائي ڪئي آهي ۽ هاڻي اهو بهترين ماڊلز ۾ شمار ٿئي ٿو. نيشنل ڊيزاسٽر مئنيجمينٽ اٿارٽي هڪ جديد ترين نيشنل ايمرجنسي  آپريشنز سينٽر (اين اي او سي) قائم ڪيو آهي جيڪو شروعاتي وارننگ ۽ خطري جي تجزيي جي لاءِ جديد ٽيڪنالاجي مان فائدو کڻي ٿو. صدر آصف علي زرداري چيو ته اسان جي قومي حڪمت عملي وڌيڪ ٺوس ۽ موثر بڻجي چڪي آهي جڏهن ته بار بار ايندڙ آفتون اها گهرج ڪن ٿيون ته اسان پنهنجي تياري کي وڌيڪ مضبوط ڪريون، پائيدار ترقي کي فروغ ڏين ۽ معاشري جي سمورن طبقن کي ان عمل ۾ شريڪ ڪريون. هن چيو ته قومي لچڪ ڏهاڙي جي ان موقعي تي وفاقي ۽ صوبائي ادارن، سمورين ڌرين، سول سوسائٽي، تعليمي ادارن ۽ نجي شعبي کي اپيل ڪريان ٿو ته اهي گڏيل تعاون سان آفتن جي اثرن کي گهٽ ڪرڻ، گڏيل تياري کي وڌائڻ ۽ ضرورتمندن جي تحفظ جي لاءِ ڀرپور ڪردار ادا ڪن. صدر آصف علي زرداري دعا ڪئي ته الله تعاليٰ اسان کي هڪ وڌيڪ محفوظ، وڌيڪ مضبوط ۽ وڌيڪ لچڪدار پاڪستان بڻائڻ ۾ پنهنجي رهنمائي عطا فرمائي.

مزید خبریں