قدرتي آفتن ۽ موسمياتي تبديلين جي اثرن کان بچاءُ لاءِ جامع پاليسيون جوڙڻ حڪومت جي اولين ترجيحن ۾ شامل آهي: وزيراعظم محمد شهباز شريف

اسلام آباد _ 08 آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته قدرتي آفتن ۽ موسمياتي تبديلين جي اثرن کان بچاءُ ۽ نقصانن کي محدود رکڻ جي لاءِ جامع پاليسيون جوڙڻ حڪومت جي اولين ترجيحن ۾ شامل آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن قومي استقامت جي ڏهاڙي جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ ڪيو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم چيو ته 8 …

اسلام آباد _ 08 آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته قدرتي آفتن ۽ موسمياتي تبديلين جي اثرن کان بچاءُ ۽ نقصانن کي محدود رکڻ جي لاءِ جامع پاليسيون جوڙڻ حڪومت جي اولين ترجيحن ۾ شامل آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن قومي استقامت جي ڏهاڙي جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ ڪيو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم چيو ته 8 آڪٽوبر جو ڏينهن ملڪي تاريخ ۾ قومي استقامت جي زندهه مثال جي طور تي ملهايو وڃي ٿو ڇو ته اهو نه رڳو 8 آڪٽوبر 2005ع تي ايندڙ قيامت خيز زلزلي جي نتيجي ۾ ٿيندڙ جاني ۽ مالي نقصان جي ياد ڏياري ٿو پر ان جي تباهي آڻيندڙ اثرن کي منهن ڏيڻ جي لاءِ قومي يڪجهتي ۽ استقامت کي پڻ اجاگر ڪري ٿو. هن چيو ته پاڪستاني قوم زلزلي جي پس منظر ۾ جنهن بي پناهه اتحاد ۽ يڪجهتي جو مظاهرو ڪيو اهو نه رڳو اسان جي قوم جي بنيادي اساس جي عڪاسي ڪري ٿو پر ايندڙ نسلن جي لاءِ پڻ هڪ قابل فخر اثاثو آهي ته مصيبت ۾ ڪهڙي طرح وسيلن جي کوٽ کي نظرانداز ڪندي مشڪلاتن کي منهن ڏيڻو آهي. وزيراعظم چيو ته 8 آڪٽوبر 2005ع جي زلزلي کانپوءِ سڄي ملڪ ۾ عوامي سطح تي جنهن قومي ڀائيچاري ۽ يڪجهتي، مضبوط قومي اتحاد ۽ ملي جذبي جو مظاهرو ڪيو ويو اهو سدائين جي لاءِ هڪ مثال آهي. هن چيو ته پاڪستان هن سال به شديد سانوڻي ۽ ٻوڏ صورتحال جي ڪري جاني ۽ مالي، فصلن، چوپالي مال سميت گهرن جي نقصانن ۽ ڳوٺن ۽ شهري علائقن ۾ رستن ۽ انفراسٽرڪچر جي تباهي مان گذريو آهي ۽ هن سال به عوام مثالي قومي استقامت ۽ مضبوطي ۽ اتحاد سان ان قدرتي آفت جو مقابلو ڪيو. عوام سان گڏ وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن سمورن لاڳاپيل ادارن جي پيشيواراڻي صلاحيت استعمال ڪندي موثر ۽ جامع حڪمت عملي تحت ٻوڏ ۽ سانوڻي کانپوءِ ريسڪيو ۽ بحالي جي لاءِ ڀرپور ڪم ڪيو آهي. هن چيو ته قدرتي آفتون خاص طور تي موسمياتي تبديلي جا اثر ڪنهن به ملڪ کي هنگامي صورتحال کي منهن ڏيڻ جي لاءِ پڻ تيار ڪن ٿيون. پاڪستان موسمياتي تبديلي کان بري طرح متاثر ٿيندڙ سرفهرست ملڪن ۾ شامل آهي ان لاءِ حڪومت جي اولين ترجيح آهي ته موسمياتي تبديلي جي اثرن کان بچاءُ ۽ نقصانن کي محدود رکڻ جي لاءِ جامع پاليسيون جوڙيون وڃن ته جيئن مستقبل ۾ پاڪستان کي برساتن، زلزلي، گرمي جي شديد لهرن ۽ ٻين موسمياتي تبديلين جي مضر نقصانڪار اثرن کان بچائڻ جي لاءِ موثر تياري ڪري سگهجي. جامع پاليسي جو مقصد اهو به آهي ته موسمي هنگامي صورتحال ۾ دستياب ذريعن ۽ وسيلن کي استعمال ۾ آڻيندي جيترو ٿي سگهي ڪوشش ڪئي ته جاني ۽ مالي ۽ ملڪي معيشت جو گهٽ کان گهٽ نقصان ٿئي. هن چيو ته موسمياتي تبديلي جي نقصانن کان بچڻ جي لاءِ موثر اڳواٽ اطلاع جو نظام انتهائي اهم آهي. نيشنل ڊيزاسٽر مئنيجمينٽ اٿارٽي ۾ موسمي تبديلين کان بچڻ جي لاءِ اڳواٽ اطلاع جو نظام ڪم ڪري رهيو آهي جنهن کي وڌيڪ فعال ڪرڻ سان اسان بنا ڪنهن شڪ جي موسمي تبديلين جي نقصانن کان گهڻي حد تائين بچي سگهون ٿا. ان ڏس ۾ سڄي دنيا ۾ لاڳو موسمياتي تبديلين کان بچڻ جي لاءِ بهترين نظام کي اختيار ڪرڻ ۽ جديد ٽيڪنالاجي مان وڌ کان وڌ فائدو کڻڻ جي پڻ ضرورت آهي ته جيئن اسان نه رڳو حڪومتي پر شهرن ۽ ڳوٺن ۾ عوامي سطح تي پڻ انهن خطرن کان نه رڳو آگاهه هجون پر ان کي موثر طور تي منهن ڏيڻ جي لاءِ پڻ هر وقت تيار هجون. هن چيو ته اڄ جي ڏينهن پاڪستان حڪومت ان عزم جو ورجاءُ ڪري ٿي ته ملڪ کي هر طرح جي موسمياتي تبديلين ۽ نقصانن کان بچاءُ جي لاءِ ڀرپور طريقي سان تيار رکنداسين ۽ اڄ جو ڏينهن عوامي ۽ قومي سطح تي اتحاد ۽ قوم جي حيثيت سان گڏجي اهڙي طرح جي قدرتي آفتن ۽ موسمياتي تبديلين جي نقصانن کان بچڻ جي لاءِ قومي عزم ۽ همت، حوصلي ۽ گڏيل تعاون جي اهميت کي پڻ اجاگر ڪري ٿو.

مزید خبریں