وفاقي گهرو وزير محسن نقوي پاران نيشنل پوليس اڪيڊمي جو رات دير سان اوچتو دورو

 اسلام آباد - 8 آڪٽوبر (اي پي پي)وفاقي گهرو وزير محسن نقوي رات جو نيشنل پوليس اڪيڊمي اسلام آباد جو اوچتو دورو ڪيو ۽ اڪيڊمي جي اپ گريڊيشن جي جاري ڪمن تي اڳڀرائي جو جائزو ورتو. گهرو وزير تعمير ٿيندڙ نئين  هاسٽل جي اڏاوتي ڪم جو معائنو ڪيو ۽ لاڳاپيل آفيسر کان بريفنگ ورتي. محسن نقوي چيو ته هاسٽل مڪمل ٿيڻ سان تربيت هيٺ پوليس آفيسرن کي بهترين رهائش جي سهولت …

 اسلام آباد – 8 آڪٽوبر (اي پي پي)وفاقي گهرو وزير محسن نقوي رات جو نيشنل پوليس اڪيڊمي اسلام آباد جو اوچتو دورو ڪيو ۽ اڪيڊمي جي اپ گريڊيشن جي جاري ڪمن تي اڳڀرائي جو جائزو ورتو. گهرو وزير تعمير ٿيندڙ نئين  هاسٽل جي اڏاوتي ڪم جو معائنو ڪيو ۽ لاڳاپيل آفيسر کان بريفنگ ورتي. محسن نقوي چيو ته هاسٽل مڪمل ٿيڻ سان تربيت هيٺ پوليس آفيسرن کي بهترين رهائش جي سهولت ملندي. هن اڪيڊمي ۾ تربيت هيٺ پوليس آفيسرن سان ملاقات به ڪئي ۽ انهن کان دستياب سهولتن بابت پڇاڳاڇا ڪئي جنهن تي آفيسرن موجوده انتظامن تي اطيمنان جو اظهار ڪيو. آفيسرن طرفان بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته هاسٽل جا 3 سليب مڪمل ٿي چڪا آهن جڏهن ته باقي تعميراتي ڪم تيزي سان جاري آهي. ان موقعي تي سي ڊي اي چيئرمين محمد علي رنڌاوا سميت ٻيا لاڳاپيل آفيسر به موجود هئا.

مزید خبریں