يوڪرين تڪرار جو حل وچ اوڀر کان به وڌيڪ مشڪل ٿي سگهي ٿو:آمريڪا

واشنگٽن -08 آڪٽوبر (اي پي پي) آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ اعتراف ڪيو آهي ته يوڪرين بحران جو حل وچ اوڀر جي مسئلي کان به مشڪل ٿي سگهي ٿو. پرڏيهي خابرو اداري مطابق ڪينيڊا جي وزيراعظم مارڪ ڪارني سان ملاقات دوران ڳالهيون ڪندي صدر ڊونلڊ ٽرمپ يوڪرين تڪرار کي ”پاگل پن “ قرار ڏنو. هن چيو ته مان سمجهندو هيس ته اهو مسئلو آساني سان حل ٿي ويندو پر اهو شايد …

واشنگٽن -08 آڪٽوبر (اي پي پي) آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ اعتراف ڪيو آهي ته يوڪرين بحران جو حل وچ اوڀر جي مسئلي کان به مشڪل ٿي سگهي ٿو. پرڏيهي خابرو اداري مطابق ڪينيڊا جي وزيراعظم مارڪ ڪارني سان ملاقات دوران ڳالهيون ڪندي صدر ڊونلڊ ٽرمپ يوڪرين تڪرار کي ”پاگل پن “ قرار ڏنو. هن چيو ته مان سمجهندو هيس ته اهو مسئلو آساني سان حل ٿي ويندو پر اهو شايد مرڪزي اوڀر کان به وڌيڪ سخت ثابت ٿي سگهي ٿو. هن وڌيڪ چيو ته روس ۽ يوڪرين جي حوالي سان ڳالهيون ٿي رهيون آهن پر هن انهن بابت تفصيل فراهم نه ڪيا.