خاتون اول آصفه ڀٽو زرداري دل جي پيدائشي مرض ۾ مبتلا پاڪستاني ٻارن جي حياتيءَ بچائڻ ۾ چيني ڊاڪٽرن جي همدرداڻي جذبي جي واکاڻ، گڏيل ريسرچ سينٽر قائم ڪرڻ جي تجويز

اسلام آباد _ 07 آڪٽوبر (اي پي پي) پاڪستان جي خاتون اول آصفه ڀٽو زرداري دل جي پيدائشي مرض ۾ مبتلا پاڪستاني ٻارن جي حياتيءَ بچائڻ ۾ چيني ڊاڪٽرن جي همدرداڻي جذبي ۽ لڳاءُ کي ساراهيو آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب هن اها ڳالهه چيني ايمبيسي ۾ منعقد قمري سالگرهه جي تقريب ”هڪ چمڪندڙ چنڊ، سڀ متحد دل ۽ هٿ“ ۾ پنهنجي اهم خطاب دوران …

اسلام آباد _ 07 آڪٽوبر (اي پي پي) پاڪستان جي خاتون اول آصفه ڀٽو زرداري دل جي پيدائشي مرض ۾ مبتلا پاڪستاني ٻارن جي حياتيءَ بچائڻ ۾ چيني ڊاڪٽرن جي همدرداڻي جذبي ۽ لڳاءُ کي ساراهيو آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب هن اها ڳالهه چيني ايمبيسي ۾ منعقد قمري سالگرهه جي تقريب ”هڪ چمڪندڙ چنڊ، سڀ متحد دل ۽ هٿ“ ۾ پنهنجي اهم خطاب دوران چئي. تقريب جي خاص مهمان جي حيثيت سان خطاب ڪندي خاتون اول چيو ته قمري سالگرهه جو تهوار ”هم آهنگي ۽ اتحاد“ جي علامت آهي، هي اهي قدر آهن جيڪي پاڪستان ۽ چين جي گهري دوستي جي خوبصورتي جي عڪاسي ڪن ٿا. آصفه ڀٽو زرداري چيو ته اڄ رات، جڏهن چنڊ جي روشني اسلام آباد ۽ بيجنگ تي پئجي رهي آهي، ته اها گڏيل خوشحالي، امن ۽ ترقي جو رستو روشن ڪري رهي آهي. چيني ڊاڪٽرن جي هٿان اسان جي ٻارن جون حياتيون بچائڻ لفظن کي عمل ۾ بدلائڻ جي زندهه علامت آهن، ڪنهن به ملڪ اهڙي طرح اسان جي عوام جي لاءِ اهڙي همدرديءَ جو اظهار نه ڪيو ۽ اها ئي شيءَ اسان جي لاڳاپن جي عڪاسي ڪري ٿي. چيني سفير جيانگ زيڊونگ جي ميزباني ۾ منعقد تقريب ۾ خاتون اول آصفه ڀٽو زرداري پروفيسر ڊاڪٽر پان زيانگ بن ۽ فووائي اسپتال جي ٽيم جا انسانيت دوست خدمتن جي لاءِ ٿورا ادا ڪيا. هن ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ گڏيل سرجيڪل مهمن ۽ منظم طبي تربيت کي ممڪن بڻائڻ جي لاءِ ٻطرفي پيڊياٽرڪ ڪارڊيالوجي پارٽنرشپ قائم ڪرڻ جي تجويز پيش ڪئي، جڏهن ته معياري ادارن، اين آءِ سي وي ڊي ۽ اي ايف آءِ سي کي چين جي فووائي اسپتال سان ڳنڍڻ جي لاءِ ٽيلي ميڊيسن ۽ ناليج شيئرنگ نيٽ ورڪ جي پڻ تجويز پيش ڪئي ته جيئن ريئل ٽائيم مشاورت ۽ گڏيل تحقيق ٿي سگهي. هن چيو ته چين ۾ پيڊياٽرڪ ڪارڊيالوجي ۽ سرجري ۾ نئين نسل جي پاڪستاني ماهرن جي تربيت جي لاءِ هڪ ساليانو فيلوشپ پروگرام ۽ پيڊياٽرڪ ڪارڊيڪ ڪيئر جي لاءِ هڪ گڏيل پاڪ چين سينٽر آف ايڪسيلينس قائم ڪيو وڃي جيڪو دوستي جي هڪ پائيدار علامت هجي ۽ پاڪستان ۾ ٻارن کي عالمي معيار جو علاج مهيا ڪري سگهي. شهيد بينظير ڀٽو جي ويزن کي ياد ڪندي هن ورجاءُ ڪيو ته صحت ڪا مراعت نه آهي پر هر شخص جو بنيادي حق آهي. پنهنجي والده جو حوالو ڏيندي هن وڌيڪ چيو ته قيادت انسان جي اعتماد، مشڪلاتن کي برداشت ڪرڻ جي صلاحيت ۽ ڪنهن خيال کي فروغ ڏيڻ جي توانائي جو نالو آهي. خاتون اول چيو ته جهڙي طرح اسان ان اجتماع کي ملهائي رهيا آهيون اهڙي طرح اسان پنهنجي انهن ٻارن جي وڌندڙ ويجهندڙ زندگين کي پڻ ملهائي رهيا آهيون جن وٽ هاڻي هڪ مستقبل آهي. هن ٻڌايو ته پاڪستان جي نيشنل انسٽيٽيوٽ آف ڪارڊيو ويسڪولر ڊيزيز (اين آءِ سي وي ڊي) ۽ گمبات انسٽيٽيوٽ آف ميڊيڪل سائنسز، جيڪو مفت جگر جي پيوندڪاري مهيا ڪري ٿو، برابري ۽ باعزت صحت جي سارسنڀال جي علامت آهن. پنهنجي خطاب ۾ چيني سفير خاتون اول ۽ شرڪت ڪندڙن جي آجيان ڪئي ۽ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ پراڻي دوستي کي اجاگر ڪيو. هن چين جي فووائي اسپتال جي وائيس پريزيڊنٽ ڊاڪٽر پان زيانگ بن کي خراج تحسين پيش ڪيو جنهن سخت موسم ۽ سفر جي مشڪلاتن جي باوجود پاڪستاني ٻارن جي علاج ۾ غيرمعمولي لڳاءُ جو مظاهرو ڪيو. سفير جيانگ ان ڳالهه تي زور ڏنو ته چيني قمري سال موجب قمري سالگرهه جو تهوار اتحاد، خوشي ۽ خاندان جي اجتماع جو جشن آهي. هن چيو ته اڄ اسان پوري چنڊ جي هيٺ هڪ وڏي خاندان وانگر گڏ ٿيا آهيون. هن چيو ته ٻارن جي دل جي سارسنڀال ۾ پاڪ چين تعاون انسانيت جي لاءِ انهن جي گڏيل وابستگي کي ظاهر ڪري ٿو. هن خاتون اول آصفه ڀٽو زرداري جي عورتن جي بااختياري، تعليم، صحت ۽ روزگار کي اڳتي وڌائڻ ۾، خاص طور تي پٺتي پيل علائقن ۾، انهن جي حصيدارين کي ساراهيو. هن چيو ته گڏيل قدمن تحت بلوچستان جي عورتن ۾ 70000 کان وڌيڪ صحت جا پئڪيج ورهايا ويا آهن. ان تقريب ۾ انهن جي والدين ۽ ٻارن پاران تقريرون پڻ شامل هيون جن جو چين ۾ دل جي پيدائشي مرض جو علاج ڪيو ويو. هن چيني ڊاڪٽرن جا اڻٿڪ محنت تي ٿورا ادا ڪيا. آن لائين خطاب ڪندي ڊاڪٽر پان زيانگ بن چيو ته چيني ۽ پاڪستاني ڊاڪٽرن جي وچ ۾ تعاون جا پائيدار نتيجا نڪرندا.

مزید خبریں