اسلام آباد ٽريفڪ پوليس جي سهولت وين جو اي پي پي هيڊ آفيس جو دورو

اسلام آباد _ 07 آڪٽوبر (اي پي پي) اسلام آباد ٽريفڪ پوليس جي سهولت وين ايسوسيئيٽيڊ پريس آف پاڪستان (اي پي پي) هيڊ آفيس جو دورو ڪيو جتي سئو کان وڌيڪ مرد ۽ عورت ملازمن جي ڊرائيونگ لائيسنس بابت معاملا خوش اسلوبي سان اڪلايا ويا. اسلام آباد ٽريفڪ پوليس پاران اي پي پي ملازمن خاص طور تي صحافين جي لاءِ خصوصي ٽيم مقرر ڪئي وئي هئي جيڪا صبح 9 وڳي …

اسلام آباد _ 07 آڪٽوبر (اي پي پي) اسلام آباد ٽريفڪ پوليس جي سهولت وين ايسوسيئيٽيڊ پريس آف پاڪستان (اي پي پي) هيڊ آفيس جو دورو ڪيو جتي سئو کان وڌيڪ مرد ۽ عورت ملازمن جي ڊرائيونگ لائيسنس بابت معاملا خوش اسلوبي سان اڪلايا ويا. اسلام آباد ٽريفڪ پوليس پاران اي پي پي ملازمن خاص طور تي صحافين جي لاءِ خصوصي ٽيم مقرر ڪئي وئي هئي جيڪا صبح 9 وڳي کان شام ساڍي ڇهين وڳي تائين اي پي پي هيڊ آفيس ۾ موجود رهي. ٽيم ان دوران ڊرائيونگ لائيسنس جي تجديد، لرنر لائسنس جاري ڪرڻ، گم ٿيل لائيسنس ٻيهر جاري ڪرڻ سميت ٻيا معاملا موقعي تي حل ڪيا. اي پي پي جي ملازمن پنهنجي در تي ڊرائيونگ لائيسنس بابت سهولتن جي فراهمي تي اي پي پي جي مئنيجنگ ڊائريڪٽر محمد عاصم کچي، چيف ٽريفڪ پوليس آفيسر ڪيپٽن (ر) حمزه همايون ۽ سندس ٽيم جا ٿورا مڃيا هنن چيو ته اسلام آباد ٽريفڪ پوليس پاران فراهم ڪئي ويندڙ اها سهولت ساراهه جوڳي آهي، جنهن سان صحافي برادري ۽ ملازمن کي تمام گهڻي آساني ٿي. ان موقعي تي ٽريفڪ پوليس جي ٽيم اي پي پي ملازمن جي ٽريفڪ قانونن جي پاسداري ۽ ڊرائيونگ لائيسنس حاصل ڪرڻ ۾ دلچسپي کي ساراهيندي اي پي پي جي ايم ڊي محمد عاصم کچي ۽ سندس انتظامي ٽيم جا پڻ ٿورا مڃيا. ملازمن اميد ظاهر ڪئي ته اسلام آباد ٽريفڪ پوليس اڳتي به شهرين جي سهولت لاءِ اهڙي طرح جون سرگرميون جاري رکندي ته جيئن عوام کي وڌ کان وڌ ريليف فراهم ڪري سگهجي.

مزید خبریں