اسلام آباد _ 07 آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف جي ملائيشيا جي ٽن ڏينهن جي سرڪاري دوري کانپوءِ گڏيل بيان جاري ڪيو ويو آهي. پرڏيهي آفيس موجب وزيراعظم انور ابراهيم جي دعوت تي وزيراعظم محمد شهباز شريف 5 کان 7 آڪٽوبر تائين ملائيشيا جو سرڪاري دورو ڪيو، 4 مارچ 2024ع تي وزارت عظميٰ جو عهدو سنڀالڻ کانپوءِ وزيراعظم جو ملائيشيا جو هي پهريون سرڪاري دورو هو. 1957ع …
وزيراعظم محمد شهباز شريف جي ملائيشيا جي ٽن ڏينهن جي سرڪاري دوري کانپوءِ گڏيل بيان جاري
اسلام آباد _ 07 آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف جي ملائيشيا جي ٽن ڏينهن جي سرڪاري دوري کانپوءِ گڏيل بيان جاري ڪيو ويو آهي. پرڏيهي آفيس موجب وزيراعظم انور ابراهيم جي دعوت تي وزيراعظم محمد شهباز شريف 5 کان 7 آڪٽوبر تائين ملائيشيا جو سرڪاري دورو ڪيو، 4 مارچ 2024ع تي وزارت عظميٰ جو عهدو سنڀالڻ کانپوءِ وزيراعظم جو ملائيشيا جو هي پهريون سرڪاري دورو هو. 1957ع ۾ سفارتي لاڳاپا قائم ٿيڻ کانپوءِ ملائيشيا ۽ پاڪستان گڏيل احترام ۽ گڏيل قدرن تي ٻڌل حصيداري قائم ڪئي جنهن کي 22 مارچ 2019ع تي اسٽريٽجڪ پارٽنرشپ ۾ تبديل ڪيو ويو. جاري گڏيل بيان موجب ٻنهي ملڪن جي اڳواڻن ملائيشيا ۽ پاڪستان لاڳاپن ۽ گڏيل دلچسپي جي علائقائي ۽ عالمي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ جي لاءِ ٻطرفي ملاقات ڪئي. ٻنهي اڳواڻن گرمجوشي ۽ خوشگوار ماحول ۾ اهم ڳالهه ٻولهه ڪئي، هنن دوستي جي پائيدار ٻنڌڻن سان گڏوگڏ وڌيڪ متحرڪ ۽ ريزيلنٽ حصيداري جي گڏيل خواهش جو ورجاءُ ڪيو. گڏيل بيان موجب هنن ٻطرفي تعاون کي اسٽريٽجڪ رخ فراهم ڪرڻ جي لاءِ باقاعده اعليٰ سطح جي مٽاسٽا کي برقرار رکڻ جي اهميت تي زور ڏنو ۽ گڏيل طور تي مناسب وقت تي پرڏيهي وزيرن جي سطح تي گڏيل ڪميشن جو اجلاس ٻيهر گهرائڻ تي اتفاق ڪيو. ٻنهي اڳواڻن واپار ۽ سيڙپڪاري ۾ وسيع امڪانن ۽ ٻطرفي واپار سميت سيڙپڪاري کي وڌائڻ جي لاءِ جاري ڪوششن تي اطمينان جو اظهار ڪيو. هنن بهتر مارڪيٽ پهچ، ڪاروباري سهولت ۽ ملائيشيا – پاڪستان ويجهي اقتصادي حصيداري جي معاهدي جي موثر استعمال جي ذريعي متوازن ۽ پائيدار اقتصادي لاڳاپن کي فروغ ڏيڻ جي عزم جو پڻ ورجاءُ ڪيو. بيان موجب ملائيشيا پاڪستان جي فوڊ پروسيسنگ ۽ مينوفيڪچرنگ جي شعبن ۾ وڌندڙ گهرج کي نظر ۾ رکندي پاڪستان کي پام آئل جي برامدات کي وڌائڻ جي ارادي جو اظهار ڪيو. ٻنهي اڳواڻن ماحولياتي ذميواراڻي طريقن کي برقرار رکندي هڪ مستحڪم ۽ پائيدار سپلاءِ چين کي يقيني بڻائڻ تي اتفاق ڪيو. هنن حلال مصنوعات ۽ خدمتن جي وڌندڙ عالمي گهرج جي ڏس ۾ حلال جي شعبي ۾ تعاون کي مضبوط بڻائڻ تي اتفاق ڪيو. ٻنهي ملڪن حلال سرٽيفڪيشن جي گڏيل سڃاڻپ، حلال فوڊ سپلاءِ ۽ پروڊڪٽ مينوفيچرنگ کي مضبوط بڻائڻ ۽ حلال سرٽيفڪيشن جي بهترين طريقن جي لاءِ پرعزم آهن. گڏيل بيان ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته ٻنهي اڳواڻن پائيدار زرعي طريقن جي اهميت کي تسليم ڪندي گڏيل تحقيق ۽ پائيدار زرعي پيداوار جي طريقن جي ترقي کي ڳولڻ تي اتفاق ڪيو. هنن 1997ع ۾ قائم ٿيڻ کانپوءِ دفاعي تعاون بابت جوائنٽ ڪميٽي جي پليٽ فارم جي دائري ۾ مضبوط جاري دفاعي تعاون تي اطمينان جو اظهار ڪيو. ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ تعاون اعليٰ سطح جي دورن، وزارتي ۽ فوجي سطحن تي باقاعده ٻطرفي ملاقاتن، دفاعي ۽ عسڪري سطح تي لاڳاپن جي ذريعي تمام وڌيڪ مضبوط ٿيو آهي. ڌرين علم ۽ ٽيڪنالاجي جي منتقلي جي ذريعي ٻطرفي دفاعي تعاون خاص طور تي دفاعي سائنس، ٽيڪنالاجي ۽ صنعت جي شعبي کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ تي پڻ اتفاق ڪيو. ٻنهي اڳواڻن تعليم بشمول فني ۽ پيشيواراڻي تربيت ۽ اداراجاتي حصيداري ۾ اضافي ۾ وڌيڪ تعاون جي آجيان ڪئي. هنن وڌ کان وڌ رابطن کي فروغ ڏيڻ ۽ عوامي مٽاسٽا کي فروغ ڏيڻ ۾ هوابازي جي اهميت کي تسليم ڪندي هوائي سفر جي خدمتن کي وڌائڻ ۽ ملائيشيا ۽ پاڪستان جي وچ ۾ رابطا وڌائڻ جا موقعا ڳولڻ تي اتفاق ڪيو. هوائي ٽريفڪ جي حقن کي وڌائڻ تي ڌيان ڏنو ويندو ته جيئن اڏامن جي رستن جي توسيع ۽ هوائي سفر جي ترقي کي آسان بڻائي سگهجي، اهڙي طرح ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ اقتصادي، ڪاروباري ۽ سياحتي لاڳاپا مضبوط ٿيندا. بيان موجب ٻنهي اڳواڻن صحت جي سارسنڀال، دواسازي ۽ طبي اوزارن ۾ تعاون کي ڳولڻ تي اتفاق ڪيو جنهن جو مقصد عوامي صحت ۽ انهن شعبن ۾و اپاري مٽاسٽا کي وڌائڻ آهي، ٻنهي اڳواڻن سياحتي تعاون کي سگهه ڏيڻ جو پڻ اظهار ڪيو، ٻنهي طرفن کان سياحت جي فروغ ۽ ثقافتي مٽاسٽا کي وڌائڻ تي پڻ اتفاق ڪيو ويو. ٻنهي اڳواڻن قومي ترقي ۾ ملائيشيا ۾ رهندڙ پاڪستانين جي مثبت تعاون جي آجيان ڪندي فني تربيت ۽ هنر جي ترقي سميت ليبر جي شعبي ۾ تعاون کي مضبوط بڻائڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. قائدين توانائي جي تحفظ ۽ پائيداري جي اهميت کي تسليم ڪندي قابل تجديد توانائي، توانائي جي منتقلي ۽ موسمياتي ريزيلينس جي شعبن بشمول علم جي حصيداري، گڏيل تحقيق ۽ صاف توانائي جي منصوبن ۾ سيڙپڪاري ۾ تعاون ڳولڻ تي اتفاق ڪيو. ٻنهي اڳواڻن مصنوعي ذهانت ۽ ڊيجيٽل تبديلي جهڙن شعبن ۾ تعاون سميت سائنس ۽ ٽيڪنالاجي ۾ بهتر تعاون جي لاءِ پنهنجي حمايت جو ورجاءُ ڪيو. هنن قدرتي آفتن جي انتظام ۽ خطري ۾ گهٽتائي جي لاءِ علائقائي تعاون جي اهميت تي زور ڏيندي انساني امداد، هنگامي ردعمل ۽ آفتن کانپوءِ بحالي ۽ نئين سر تعمير ۾ علم جي مٽاسٽا ۽ بهترين طريقن کي وڌائڻ جو وچن ڪيو. گڏيل بيان ۾ ويڪ چيو ويو آهي ته ٻنهي ملڪن جي اڳواڻن سائبر سيڪيورٽي ۾ تعاون وڌائڻ ۽ عالمي منظم ڏوهن، دهشتگردي، دهشتگردي جي مالي مدد سان گڏوگڏ سائبر ڪرائيم کي منهن ڏيڻ جي لاءِ ڪوششن جي عزم جو پڻ اظهار ڪيو. هنن اڀرندڙ سيڪيورٽي چئلينجز کي منهن ڏيڻ جي لاءِ معلومات ۽ مهارت جي مٽاسٽا جاري رکڻ تي اتفاق ڪيو. هنن عالمي تنظيمن خاص طور تي گڏيل قومن، اسلامي تعاون تنظيم ۽ ڊي ايٽ جي فريم ورڪ ۾ اهم معاملن تي فعال تعاون جو ذڪر ڪندي عالمي ادارن ۾ هڪ ٻئي جي قدمن جي لاءِ گڏيل تعاون جي لاءِ پنهنجي عزم جو ورجاءُ ڪيو. ٻنهي اڳواڻن مسلمان امت جي يڪجهتي کي مضبوط بڻائڻ ۽ اسلام جي حقيقي قدرن کي برقرار رکڻ جي لاءِ پنهنجي گڏيل عزم جو ورجاءُ ڪيو ۽ ان ڳالهه جو ورجاءُ ڪيو ته عالمي چئلينجز کي پرامن طريقن سان مڪمل طور تي عالمي قانون ۽ گڏيل قومن جي لاڳاپيل قراردادن موجب حل ڪرڻ گهرجي. ٻنهي اڳواڻن جاگرافيائي سياسي معاملن خاص طور تي وچ اوڀر ۾ جاري تڪرارن ۽ ميانمار ۾ انساني صورتحال، جيڪا روهنگيا جي مسلم ڪميونٽي کي متاثر ڪري ٿي، قابل عمل، لڳولڳ ۽ آزاد فلسطيني رياست قائم ڪرڻ، جنهن جو بنياد جون 1967ع کان اڳ جي سرحد ۽ جنهن جي گادي وارو شهر القدس الشريف هجي، جي لاءِ پنهنجي پختي حمايت جو ورجاءُ ڪيو. بيان موجب ٻنهي ملڪن فوري، غيرمشروط ۽ مستقل جنگبندي، غزه جي ناڪابندي جي خاتمي، سمورن شهرين جي تحفظ ۽ متاثر ماڻهن جي لاءِ فوري طور تي انساني امداد جي بنا رڪاوٽ فراهمي جو پڻ مطالبو ڪيو. ٻنهي اڳواڻن خطي ۾ امن ۽ استحڪام جي لاءِ درپيش چئلينجز جي منصفاڻي ۽ پائيدار حل جي اهميت تي زور ڏنو. ٻنهي اڳواڻن فلسطيني رياست جي سوال کي حل ڪرڻ جي لاءِ عملي قدم ڳولڻ جي لاءِ عالمي برادري جي ڪوششن کي پڻ ساراهيو. گڏيل بيان موجب ٻنهي اڳواڻن خطي ۾ امن ۽ سلامتي جي لاءِ وڌندڙ خطرن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. هنن تحمل ۽ ذميواراڻي طرزعمل جي اهميت ۽ رياستن جي خودمختياري ۽ علائقائي سالميت جي احترام تي زور ڏيندي ان ڳالهه تي اتفاق ڪيو ته تڪرارن کي گڏيل قومن جي چارٽر ۽ سلامتي ڪائونسل جي لاڳاپيل قراردادن سميت عالمي قانون موجب پرامن طريقن سان حل ڪرڻ گهرجي. ٻنهي اڳواڻن هڪ پرامن ۽ مستحڪم افغانستان ۽ ان جي عوام جي لاءِ هڪ پائيدار مستقبل جي لاءِ پنهنجي عزم جو ورجاءُ ڪيو. هنن افغان سرزمين کي ٻين ملڪن جي خلاف استعمال ڪرڻ کان روڪڻ خاص طور تي دهشتگردي کي منهن ڏيڻ جي لاءِ عبوري افغان عملدارن سان مسلسل رابطي جي اهميت سميت افغان آبادي جي لاءِ انساني امداد ۽ صلاحيت جي تعمير کي برقرار رکڻ جي اهميت تي پڻ زور ڏنو. جاري گڏيل بيان موجب اڳواڻن اسلامو فوبيا، زينو فوبيا ۽ تشدد تي اتساهڻ جي سمورين قسمن جي مذمت ڪندي مذهبن، ثقافتن ۽ ماڻهن جي وچ ۾ گڏيل احترام، ڀائيچاري ۽ افهام تفهيم کي فروغ ڏيڻ جي اهميت تي زور ڏنو. گڏيل بيان موجب ٻنهي ملڪن جي اڳواڻن گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي قراردادن 76/ 254 ۽ 78/264 جي منظوري جي آجيان ڪئي جنهن ۾ اسلامو فوبيا کي منهن ڏيڻ جي عالمي ڏينهن جي اهميت جو ورجاءُ ڪيو ويو ۽ سيڪريٽري جنرل جي حوصلا افزائي ڪئي وئي ته هو ميمبر ملڪن جي مشاورت سان هڪ ايڪشن اورينٽيڊ پلان کي اڳتي وڌائي ته جيئن موثر طريقي سان اسلامو فوبيا بابت مسئلن کي حل ڪري سگهجي. هنن اسپين سان تعلق رکندڙ ميگوئل اينج موراٽينوس ڪيوبي جي اسلامو فوبيا کي منهن ڏيڻ جي لاءِ گڏيل قومن جي خصوصي ايلچي جي طور تي مقرري جي آجيان ڪئي. وزيراعظم محمد شهباز شريف پاڪستان پاران ملائيشيا جي آسيان چيئرمين شپ جي لاءِ ڀرپور حمايت جو ورجاءُ ڪيو. ٻنهي اڳواڻن آسيان – پاڪستان سيڪٽورل ڊائيلاگ پارٽنرشپ: عملي تعاون جي لاڳو ۾ اڳڀرائي جي آجيان ڪئي. بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف وزيراعظم انور ابراهيم ۽ ملائيشيا جي حڪومت پاران دوري دوران شاندار استقبال ۽ شاندار مهمان نوازي کي ساراهيو ۽ سچي دل سان ٿورا مڃيا.








