ڊاڪٽريٽ جي اعزازي ڊگري سان نوازڻ منهنجي لاءِ فخر جوڳي ڳالهه آهي: وزيراعظم محمد شهباز شريف

ڪوالالمپور _ 07 آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته ملائيشيا جي رياست پهانگ جي ملڪه تنڪو عزيزه امينه ميمونه سڪندريه پاران قيادت ۽ طرز حُڪمراني ۾ ڊاڪٽريٽ جي اعزازي ڊگري سان نوازڻ منهنجي لاءِ فخر جوڳي ڳالهه آهي. ملائيشيا جي دوري جي پڄاڻي تي سماجي رابطن جي ويب سائيٽ ايڪس تي هڪ پوسٽ ۾ وزيراعظم چيو ته اهو اعزاز پاڪستان جي عوام پاران قبول ڪيو …

ڪوالالمپور _ 07 آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته ملائيشيا جي رياست پهانگ جي ملڪه تنڪو عزيزه امينه ميمونه سڪندريه پاران قيادت ۽ طرز حُڪمراني ۾ ڊاڪٽريٽ جي اعزازي ڊگري سان نوازڻ منهنجي لاءِ فخر جوڳي ڳالهه آهي. ملائيشيا جي دوري جي پڄاڻي تي سماجي رابطن جي ويب سائيٽ ايڪس تي هڪ پوسٽ ۾ وزيراعظم چيو ته اهو اعزاز پاڪستان جي عوام پاران قبول ڪيو آهي. هن چيو ته اهو اعزاز پاڪستان ۽ ملائيشيا جي گهري فڪري، علمي، ثقافتي ۽ عوامي لاڳاپن جو مظهر آهي.