ويانا- 07 آڪٽوبر (اي پي پي) گڏيل قومن جي ايٽمي نگران اداري آئي اي اي اي جي سربراهه رافيل گروسي زاپوريزيا ايٽمي پاور پلانٽ ويجهو ٿيندڙ گولا باري بعد وڌندڙ خطري تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو آهي. پرڏيهي خابرو اداري مطابق جمعي ڏينهن پلانٽ جي ڀرپاسي اٽڪل 15 گولا اڇلايا ويا، جن مان 2 گولا پلانٽ جي حفاظت لاءِ مقرر ڪيل حدن کان اٽڪل 1.25 ڪلوميٽر پري ڪريا. ان دوران …
زاپوريزيا ايٽمي پلانٽ ويجهو گولاباري، آءِ اي اِي اي چيف پاران وڌندڙ خطرن جي وارننگ جاري
ويانا- 07 آڪٽوبر (اي پي پي) گڏيل قومن جي ايٽمي نگران اداري آئي اي اي اي جي سربراهه رافيل گروسي زاپوريزيا ايٽمي پاور پلانٽ ويجهو ٿيندڙ گولا باري بعد وڌندڙ خطري تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو آهي. پرڏيهي خابرو اداري مطابق جمعي ڏينهن پلانٽ جي ڀرپاسي اٽڪل 15 گولا اڇلايا ويا، جن مان 2 گولا پلانٽ جي حفاظت لاءِ مقرر ڪيل حدن کان اٽڪل 1.25 ڪلوميٽر پري ڪريا. ان دوران پلانٽ کي باهرين بجلي جي فراهمي اٽڪل 2 هفتن کان ڪٽيل آهي جنهن سبب ايمرجنسي ڊيزل جنريٽرن تي دارومدار ڪرڻو پئجي رهي آهي ته جيئن پلانٽ جي بند ٿيل ري ايڪٽرز ۽ استعمال ٿيل ٻارڻ کي ٿڌو رکي سگهجي. رافيل گروسي چيو ته ايٽمي سلامتي ۽ حفاظت جي صورتحال بدستور خراب ٿي رهي آهي. خطرو وڌي رهيو آهي. هن سمورين ڌرين تي زور ڀريو ته ايٽمي ٺڪاڻن ويجهو فوجي سرگرمين تي سخت احتياط ڪن. هن روس ۽ يوڪرين سان رابطا جاري رکڻ ۽ پلانٽ جي ٻاهران ملندڙ بجلي جي فراهمي جلد کان جلد بحال ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڀريو آهي. زاپوريزيا پلانٽ کي 23 سيپٽمبر کان پنهنجي آخري فعال 750 ڪلوواٽ لائن جو ڪنيڪشن ڪٽيل آهي ۽ هاڻي اتي 8 ايمرجنسي ڊيزل جنريٽرز ڪم ڪري رهيا آهن ته جيئن بجلي جي ضرورت پوري ڪري سگهجي.








