سعودي عرب ۽ بنگلاديش پاران ليبر ريڪروٽمينٽ معاهدي تي صحيحيون

رياض-07 آڪٽوبر(اي پي پي)سعودي عرب ۽ بنگلاديش جنرل ليبر ريڪروٽمينٽ لاءِ هڪ معاهدي تي صحيحيون ڪيون آهن. پرڏيهي ميڊيا موجب سعودي عرب پاران پورهئي ۽ افرادي سگهه واري وزير احمد الرجحي ۽ بنگلاديش پاران پرڏيهه ۾ ترسيل ماڻهن جي معاملن ۽ اور سيز ايمپلائٽمينٽ بابت وزير آصف نذرول معاهدي تي صحيحيون ڪيون. معاهدي ۾ بنگلاديش جي ڪارڪنن جي معاملن کي منظم ڪندي آجر ۽ اجير وچ ۾ لاڳاپن کي بهتر …

رياض-07 آڪٽوبر(اي پي پي)سعودي عرب ۽ بنگلاديش جنرل ليبر ريڪروٽمينٽ لاءِ هڪ معاهدي تي صحيحيون ڪيون آهن. پرڏيهي ميڊيا موجب سعودي عرب پاران پورهئي ۽ افرادي سگهه واري وزير احمد الرجحي ۽ بنگلاديش پاران پرڏيهه ۾ ترسيل ماڻهن جي معاملن ۽ اور سيز ايمپلائٽمينٽ بابت وزير آصف نذرول معاهدي تي صحيحيون ڪيون. معاهدي ۾ بنگلاديش جي ڪارڪنن جي معاملن کي منظم ڪندي آجر ۽ اجير وچ ۾ لاڳاپن کي بهتر بنائڻ ۽ ڌرين جي حقن کي تحفظ فراهم ڪرڻ شامل آهي. معاهدي تي صحيحين جي موقعي تي سعودي وفد ۽ بنگلاديش جي حڪومت جا اعليٰ عهديدار به موجود هئا.