گڏيل قومن پاران عورتن، امن ۽ سلامتي جي ايجنڊا ۾ خاطر خواه اڳڀرائي نه ٿيڻ تي افسوس

گڏيل قومون - 7 آڪٽوبر(اي پي پي) گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتو نيوگوتريش عورتن، امن ۽ سلامتي جي ايجنڊا ۾ خاطر خواه اڳڀرائي نه ٿيڻ تي افسوس جو اظهار ڪيو آهي. پرڏيهي خابرو اداري مطابق گڏيل قومن ۾ سلامتي ڪائونسل جي سالياني کليل بحث ۾ خطاب ڪندي هن چيو ته اسان اڪثر پرعزم انداز ۾ ان موضوع تي ڳالهيون ڪندا آهيون پر جڏهن عملي قدمن جي ڳالهه ايندي آهي …

گڏيل قومون – 7 آڪٽوبر(اي پي پي) گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتو نيوگوتريش عورتن، امن ۽ سلامتي جي ايجنڊا ۾ خاطر خواه اڳڀرائي نه ٿيڻ تي افسوس جو اظهار ڪيو آهي. پرڏيهي خابرو اداري مطابق گڏيل قومن ۾ سلامتي ڪائونسل جي سالياني کليل بحث ۾ خطاب ڪندي هن چيو ته اسان اڪثر پرعزم انداز ۾ ان موضوع تي ڳالهيون ڪندا آهيون پر جڏهن عملي قدمن جي ڳالهه ايندي آهي ته نتيجا مايوسي جوڳا هوندا آهن. هن نشاندهي ڪئي ته عورتون اڃان به امن ڳالهين جي ميز تي موجود ناهن. جنسي تشدد جون وارداتون سزا کانسواءِ جاري آهن ۽ عورت امن ڪارڪنن کي وسيلن، تحفظ ۽ سڃاڻپ جي شديد کوٽ کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي. هن خبردار ڪيو ته قراداد 1325 جي منظوري کي 25 سال مڪمل ٿي چڪا آهن پر ان عرصي ۾ حاصل ٿيل ڪاميابيون ڪمزور ٿي چڪيون آهن ۽ ڪيترن هنڌن تي حالتون وڌيڪ بگڙجي رهيون آهن. گڏيل قومن مطابق سڄي دنيا ۾ عسڪري خرچن ۾ اضافو، هٿيار بند تڪرارن جو وڌندڙ انگ ۽ عورتن ۽ ٻارن خلاف وڌندڙ درندگي هڪ ڳڻتي جوڳو رجحان آهي. هن ٻڌايو ته گذريل سال 676 ملين عورتون اهڙن علائقن ۾ رهي رهيون هيون جتي 50 ڪلوميٽرن اندر موتمار تڪرار جاري هئا جڏهن ته ڇوڪرين خلاف جنسي تشدد ۾ 35 سيڪڙو اضافو ٿيو آهي. بحران سٽيل علائقن ۾ ويم دوران فوتگين ۾ اضافو، ڇوڪرين جي تعليم کان محرومي ۽ عورت اڳواڻن خلاف پر تشدد واقعا عام ٿيندا پيا وڃن، گوتريش ان ڳالهه تي زور ڀريو ته عورتن، امن ۽ سلامتي جي ايجنڊا صرف وعدن تي ناهي پر عملي، قابل پيمائش تبديلي تي ٻڌل هجڻ گهرجي جنهن ۾ عورتن جي امن عمل ۾ قيادت، متاثرن کي انصاف جي فراهمي ۽ سڀني جي شموليت کي يقيني بڻايو وڃي. سندس چوڻ هو ته دنيا کي وڌيڪ وعدن جي نه پر اهڙن نتيجن جي ضرورت آهي جيڪي انهن وعدن جي عڪاسي ڪن.