ڪوالالمپور_7 آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف کي ملڪ جي تعمير ۽ ترقي ۾ سندس غير معمولي قيادت ۽ خدمتن جي اعتراف ۾ ملائيشيا جي انٽرنيشنل اسلامڪ يونيورسٽي (آءِ آءِ يو ايم) پاران "قيادت ۽ طرز حُڪمراني" ۾ پي ايڇ ڊي (ڊاڪٽريٽ) جي اعزازي ڊگري عطا ڪئي آهي. ان سلسلي ۾ آءِ آءِ يو ايم جي ڪوالالمپور ڪيمپس جي اسلامي فڪر ۽ تهذيب جي عالمي انسٽيٽيوٽ ۾ خصوصي …
وزيراعظم محمد شهباز شريف کي ملڪ جي تعمير ۽ ترقي ۾ سندس غير معمولي قيادت ۽ خدمتن جي اعتراف ۾ ملائيشيا جي يونيورسٽي پاران ڊاڪٽريٽ جي اعزازي ڊگري عطا
ڪوالالمپور_7 آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف کي ملڪ جي تعمير ۽ ترقي ۾ سندس غير معمولي قيادت ۽ خدمتن جي اعتراف ۾ ملائيشيا جي انٽرنيشنل اسلامڪ يونيورسٽي (آءِ آءِ يو ايم) پاران "قيادت ۽ طرز حُڪمراني” ۾ پي ايڇ ڊي (ڊاڪٽريٽ) جي اعزازي ڊگري عطا ڪئي آهي. ان سلسلي ۾ آءِ آءِ يو ايم جي ڪوالالمپور ڪيمپس جي اسلامي فڪر ۽ تهذيب جي عالمي انسٽيٽيوٽ ۾ خصوصي ڪانووڪيشن منعقد ڪيو ويو جنهن ۾ ملائيشيا جي رياست پهانگ جي ملڪه ۽ ملائيشيا جي انٽرنيشنل اسلامڪ يونيورسٽي جي آئيني سربراهه تنڪو عزيزه امينه ميمونه سڪندريه، وزيراعظم محمد شهباز شريف کي ڊاڪٽريٽ جي اعزازي ڊگري ڏني. ان موقعي تي نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار، اطلاعات ۽ نشريات وارو وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ، قومي خوراڪ جي تحفظ ۽ تحقيق وارو وفاقي وزير راڻا تنوير حسين، وزيراعظم جو خاص مددگار طارق فاطمي، ملائيشيا جو مواصلات وارو وزير فهمي فاضل، ملائيشيا جو اعليٰ تعليم وارو وزير ڊاڪٽر زيمبري عبدالقادر، ملائيشيا جو انٽرنيشنل اسلامڪ يونيورسٽي جو صدر تان سري عبدالرشيد حسين ۽ ريڪٽر پروفيسر عثمان باقر ۽ پاڪستان جو هاءِ ڪمشنر سيد احسن رضا شاهه پڻ موجود هئا.








