بٽ ڪوائن تاريخ جي بلند ترين سطح تي پهچي ويو، قيمت هڪ لک 25 هزار ڊالر ٿي وئي

نيويارڪ- 06 آڪٽوبر (اي پي پي) ڪرپٽو ڪرنسي بٽ ڪوائن گذريل ڏينهن هڪ تاريخي رقم قائم ڪئي آهي. ان جي قيمت هڪ لک 25 هزار آمريڪي ڊالر جي حد پار ڪئي آهي. جيڪا آگسٽ ۾ قائم ڪيل اڳوڻي رڪارڊ هڪ لک 24 هزار 500 ڊالر کان وڌيڪ آهي. پرڏيهي ميڊيا موجب قيمت ۾ اهو اضافو آمريڪي حڪومت جي امڪاني شٽ ڊائون جي خدشن سبب سيڙپڪارن جي محتاط حڪمت عملي جو …

نيويارڪ- 06 آڪٽوبر (اي پي پي) ڪرپٽو ڪرنسي بٽ ڪوائن گذريل ڏينهن هڪ تاريخي رقم قائم ڪئي آهي. ان جي قيمت هڪ لک 25 هزار آمريڪي ڊالر جي حد پار ڪئي آهي. جيڪا آگسٽ ۾ قائم ڪيل اڳوڻي رڪارڊ هڪ لک 24 هزار 500 ڊالر کان وڌيڪ آهي. پرڏيهي ميڊيا موجب قيمت ۾ اهو اضافو آمريڪي حڪومت جي امڪاني شٽ ڊائون جي خدشن سبب سيڙپڪارن جي محتاط حڪمت عملي جو نتيجو آهي. پرڏيهي ميڊيا جي رپورٽ موجب آمريڪي اسٽاڪ مارڪيٽ ۾ به هاڪاري رجحان بٽ ڪوائن جي قدر کي سهارو ڏنو، جڏهن ته سيڙپڪار محفوظ اثاثن طرف ڌيان ڏئي رهيا آهن. ڇوته آمريڪي قانون ساز وفاقي حڪومت جي فنڊنگ تي ڳالهيون ڪري رهيا آهن. گذريل هفتي صدر ڊونلڊ ٽرمپ ۽ قانون سازن وچ ۾ ڳالهيون به ٿيون. اها آمريڪي تاريخ ۾ ٿيل ڊگهي عرصي جي بندش جو پهريون شٽ ڊائون آهي، ان کان اڳ 7 سال پهريان ٿيل بندش 35 ڏينهن تائين هلي هئي. آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ ۽ ان جو خاندان به ڪرپٽو ڪرنسين جو وڏوحامي رهيو آهي ۽ مختلف ڪرپٽو منصوبن ۾ سرگرم آهي. جنهن سان سندن دولت ۾ نمايان اضافو ٿيو آهي.