پاڪستان جي عوام قطر جي قيادت ۽ عوام جو دل سان احترام ڪري ٿي: انجنيئر امير مقام

دوحه- 06 آڪٽوبر (اي پي پي) ڪشمير معاملن واري وفاقي وزير انجنيئر امير مقام پاڪستان ۽ قطر جي ڀائراڻن لاڳاپن ۽ گڏيل ترقي جي عزم جو ورجاءُ ڪندي چيو آهي ته پاڪستان جي عوام قطر جي قيادت ۽ عوام جو دل سان احترام ڪري ٿي. اسان جا لاڳاپا گڏيل قدرن، ايمان ۽ گڏيل ترقي جي عزم تي ٻڌل آهن. بيان موجب وفاقي وزير انجنيئر امير مقام جي اعزاز ۾ شاهي …

دوحه- 06 آڪٽوبر (اي پي پي) ڪشمير معاملن واري وفاقي وزير انجنيئر امير مقام پاڪستان ۽ قطر جي ڀائراڻن لاڳاپن ۽ گڏيل ترقي جي عزم جو ورجاءُ ڪندي چيو آهي ته پاڪستان جي عوام قطر جي قيادت ۽ عوام جو دل سان احترام ڪري ٿي. اسان جا لاڳاپا گڏيل قدرن، ايمان ۽ گڏيل ترقي جي عزم تي ٻڌل آهن. بيان موجب وفاقي وزير انجنيئر امير مقام جي اعزاز ۾ شاهي خاندان سان لاڳاپا رکندڙ قطر جي ماحوليات ۽ موسمياتي تبديلي واري وزير شيخ الفلاح بن ناصر پاران دوحه ۾ هڪ آجياڻيو ڏنو ويو. انجنيئر امير مقام شاندار ميزباني تي سندس ٿورو مڃيو ۽ پاڪ قطر لاڳاپن جي گڏيل ترقي جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. هن توانائي، انفراسٽرڪچر، سياحت ۽ افرادي قوت جي ترقي جهڙن شعبن ۾ سهڪار جي بي پناهه صلاحيت کي اجاگر ڪيو. هن چيو ته پاڪستان جي عوام قطر جي قيادت ۽ عوام جو دل سان احترام ڪري ٿي. اسان جا لاڳاپا گڏيل قدرن، ايمان ۽ گڏيل ترقي جي عزم تي ٻڌل آهن. قطر جي اڳوڻي وزير قطر جي ترقي ۾ پاڪستاني ڪميونٽي جي ڪردار کي ساراهيو ۽ خطي ۾ امن، معاشي سهڪار ۽ انساني ترقي کي هٿي ڏيڻ وارن جي ڪوششن لاءِ شاهي خاندان جي مستقل حمايت جو ورجاءُ ڪيو. هن قطر ۾ اسرائيل جي حملي کان پوءِ پاڪستان جي فوري سخت رد عمل جي تعريف ڪئي. هن ڀارت سان جنگ ۾ پاڪستان جي ڪاميابي کي ساراهيو. هن وزيراعظم شهباز شريف ۽ فيلڊ مارشل عاصم منير جي عظيم قيادت ۽ جنگ دوران فيصلاتي جواب ڏيڻ تي تعريف ڪئي. هن چيو ته پاڪستان جي جنگ ۾ ڪاميابي سموري مسلمان امت کي بلند ڪري ڇڏيو.

مزید خبریں