بارباڊوس-06 آڪٽوبر (اي پي پي) سينيٽ چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني بارباڊوس ۾ منعقد ٿيندڙ 68هين دولت مشترڪه ڪانفرنس ۾ پارلياماني وفد سان شرڪت ڪندو. سينيٽ چيئرمين سي پي سي ڪانفرنس ۾ شرڪت کان علاوه مختلف پارليامينٽن جي سربراهن سان اهم ملاقاتون پڻ ڪندو. سينيٽ سيڪريٽريٽ مان جاري بيان موجب سينيٽ چيئرمين سي پي سي جي اجلاس جي اهم سيشن جي صدارت به ڪندو. ڪانفرنس دولت مشترڪه ميمبر ملڪن وچ …
سينيٽ چيئرمين بارباڊوس ۾ 68هين دولت مشترڪه ڪانفرنس ۾ پارلياماني وفد سان شرڪت ڪندو

مزید خبریں
بارباڊوس-06 آڪٽوبر (اي پي پي) سينيٽ چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني بارباڊوس ۾ منعقد ٿيندڙ 68هين دولت مشترڪه ڪانفرنس ۾ پارلياماني وفد سان شرڪت ڪندو. سينيٽ چيئرمين سي پي سي ڪانفرنس ۾ شرڪت کان علاوه مختلف پارليامينٽن جي سربراهن سان اهم ملاقاتون پڻ ڪندو. سينيٽ سيڪريٽريٽ مان جاري بيان موجب سينيٽ چيئرمين سي پي سي جي اجلاس جي اهم سيشن جي صدارت به ڪندو. ڪانفرنس دولت مشترڪه ميمبر ملڪن وچ ۾ گڏيل سهڪار، ڀائيواريءَ کي هٿي وٺرائڻ ۾ اهم ثابت ٿيندي. سينيٽ چيئرمين چيو ته دولت مشترڪه پارلياماني ايسوسيئيشن عوامي سطح تي رابطن کي هٿي ڏيڻ ۾ مددگار ثابت ٿي رهيو آهي، اسان دولت مشترڪه سان پنهنجي ڀائيواريءَ کي اهم سمجهون ٿا. سينيٽ چيئرمين ملاقاتن ۾ عوامي رابطن، گڏيل سهڪار کان علاوه پاڪستان ۾ ٻوڏ جي صورتحال تي پڻ شرڪت ڪندڙن کي آگاهه ڪندو.











