مخالف ڌر خوش نه ٿئي، اسان ڪوشش ڪنداسين ته دوستن کي پرچائي واپس آڻيون: اعظم نذير تارڙ

اسلام آباد-06 آڪٽوبر (اي پي پي) قانون ۽ انصاف واري وفاقي وزير سينيٽر اعظم نذير تارڙ چيو آهي ته مخالف ڌر خوش نه ٿئي، اسان ڪوشش ڪنداسين ته دوستن کي پرچائي واپس آڻيون، سياست ۾ نرمي ۽ گرمي هلندي رهندي آهي، اهي وقتي ڳالهيون آهن. سينيٽ اجلاس کي خطاب ڪندي وفاقي وزير چيو ته ٻوڏ سبب ٿيل نقصانن جو ڪاٿو لڳايو پيو وڃي جڏهن ته پنجاب حڪومت وڏي محنت سان …

اسلام آباد-06 آڪٽوبر (اي پي پي) قانون ۽ انصاف واري وفاقي وزير سينيٽر اعظم نذير تارڙ چيو آهي ته مخالف ڌر خوش نه ٿئي، اسان ڪوشش ڪنداسين ته دوستن کي پرچائي واپس آڻيون، سياست ۾ نرمي ۽ گرمي هلندي رهندي آهي، اهي وقتي ڳالهيون آهن. سينيٽ اجلاس کي خطاب ڪندي وفاقي وزير چيو ته ٻوڏ سبب ٿيل نقصانن جو ڪاٿو لڳايو پيو وڃي جڏهن ته پنجاب حڪومت وڏي محنت سان ٻوڏ واري صورتحال کي مُنهن ڏنو. (ن) ليگ ۽ پ پ وچ ۾ تازن بيانن جي ڏي وٺ تي خيالن جو اظهار ڪندي هن چيو ته سياست ۾ نرمي گرمي هلندي رهندي آهي، هن وقت موسم گرم آهي، پر ٿڌ اچڻ واري آهي. هن چيو ته جيڪڏهن ڪنهن جي لفظن سان دل آزاريءَ ٿي آهي ته مون کي سياسي ڪارڪن جي حيثيت سان ڏُک آهي. اعظم نذير تارڙ وڌيڪ چيو ته صدر آصف علي زرداري بزرگ سياستدان آهي، هو صلح ڪرائڻ جو ڪردار ادا ڪندو. پ پ جي سينيٽ ميمبرن جي واڪ آئوٽ بابت ردِعمل ڏيندي هن چيو ته مخالف ڌر خوش نه ٿئي، اسان ڪوشش ڪنداسين ته دوستن کي پرچائي واپس آڻيون. هن چيو ته صدر مملڪت پنهنجو آئيني ڪردار ادا ڪيو، ڪنهن جي دل آزاري نه ٿيڻ گهرجي ۽ پاڻي جي ورڇ انڊس ريور معاهدي موجب ئي ٿيندي.