ريلوي واري وفاقي وزير پاران ٽرينن جي مسلسل دير تي ڪاوڙ جو اظهار

اسلام آباد-06 آڪٽوبر (اي پي پي) ريلوي واري وفاقي وزير محمد حنيف عباسي جي صدارت هيٺ ريلوي هيڊ ڪوارٽرز ۾ هڪ اهم اجلاس منعقد ٿيو جنهن ۾ ريلن جي مسلسل دير تي سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪيو ويو. ريلوي واري وزير سمورن لاڳاپيل عملدارن کي واضح هدايت جاري ڪندي چيو ته دير واري نظام جي ڪارڻن کي فوري طور تي ختم ڪيو وڃي. اجلاس کي ٻُڌايو ويو ته گذريل ڏينهن …

اسلام آباد-06 آڪٽوبر (اي پي پي) ريلوي واري وفاقي وزير محمد حنيف عباسي جي صدارت هيٺ ريلوي هيڊ ڪوارٽرز ۾ هڪ اهم اجلاس منعقد ٿيو جنهن ۾ ريلن جي مسلسل دير تي سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪيو ويو. ريلوي واري وزير سمورن لاڳاپيل عملدارن کي واضح هدايت جاري ڪندي چيو ته دير واري نظام جي ڪارڻن کي فوري طور تي ختم ڪيو وڃي. اجلاس کي ٻُڌايو ويو ته گذريل ڏينهن ڪيتريون ئي ريلون دير جو شڪار ٿيون جنهن جو وڏو ڪارڻ پاور پلانٽس جي دير سان پهچڻ ۽ فني خرابين کي قرار ڏنو ويو. وفاقي وزير سمورن ڊويزنن ۽ هيڊ ڪوارٽرز کي 10 ڏينهن جو الٽيميٽم ڏيندي ريلن جي وقت کي معمول تي آڻڻ جي سختيءَ سان هدايت ڏني. محمد حنيف عباسي چيو ته ريلوي جي نظام ۾ جديديت، ڊجيٽل تبديلي ۽ پنڪچوئلٽي کي وقت سر يقيني بڻائڻ سندس پهرين ترجيح آهي. هن وڌيڪ چيو ته ريلوي جي اپ گريڊيشن ۽ ڊجيٽل تبديلي سان گڏوگڏ وقت سر روانگي کي يقيني بڻائڻ اسان جو بنيادي هدف آهي. ريلوي واري وزير ان عزم جو اظهار ڪيو ته پابندي، سهولت ۽ شفافيت ريلوي جي نئين رُخ جو تعين ڪنديون ته جيئن ادارو عوام جي اعتماد تي پورو لهي سگهي.