اسلام آباد-06 آڪٽوبر (اي پي پي) مذهبي معاملن واري وزارت چيو آهي ته پرائيويٽ حج اسڪيم جي بُڪنگ سست روي جو شڪار آهي، 17 آڪٽوبر تائين پرائيويٽ حج اسڪيم جي ڪوٽا جيڪڏهن باقي رهجي وئي ته ان کي سرڪاري اسڪيم ۾ شامل ڪيو ويندو. وزارت جي ترجمان ”اي پي پي“ سان خاص ڳالهه ٻولهه دوران چيو ته حج 2026ع لاءِ پرائيويٽ اسڪيم جي حج ڪوٽا 60 هزار رکي وئي آهي …
پرائيويٽ حج اسڪيم جو 17 آڪٽوبر تائين رهجي ويل ڪوٽا سرڪاري اسڪيم ۾ شامل ڪئي ويندي: مذهبي معاملن واري وزارت جو ترجمان
اسلام آباد-06 آڪٽوبر (اي پي پي) مذهبي معاملن واري وزارت چيو آهي ته پرائيويٽ حج اسڪيم جي بُڪنگ سست روي جو شڪار آهي، 17 آڪٽوبر تائين پرائيويٽ حج اسڪيم جي ڪوٽا جيڪڏهن باقي رهجي وئي ته ان کي سرڪاري اسڪيم ۾ شامل ڪيو ويندو. وزارت جي ترجمان ”اي پي پي“ سان خاص ڳالهه ٻولهه دوران چيو ته حج 2026ع لاءِ پرائيويٽ اسڪيم جي حج ڪوٽا 60 هزار رکي وئي آهي جنهن جي بُڪنگ جي شروعات 29 سيپٽمبر کان ٿي چڪي آهي. وزارت پرائيويٽ حج ٽوئر آپريٽرز کي ان ڳالهه جو پابند ڪيو آهي ته سڀ کان پهرين پرائيويٽ اسڪيم جي گذريل سال حج کان محروم رهجي ويل 21 هزار کان وڌيڪ ماڻهن جي بُڪنگ ڪئي وڃي ۽ ان کان پوءِ کين جنرل بُڪنگ جي اجازت ڏني ويندي. هن چيو ته پرائيويٽ حج ٽوئر آپريٽرز گذريل سال حج کان محروم رهجي ويل 21500 ماڻهن جي بُڪنگ جي خاطري ڪرائي جنهن کان پوءِ کين جنرل بُڪنگ جي اجازت ڏني وئي. هن چيو ته اها ڳالهه درست آهي ته پرائيويٽ حج اسڪيم جي بُڪنگ سست رويءَ جو شڪار آهي ۽ 6 آڪٽوبر تائين 33600 ماڻهن جي بُڪنگ ڪئي وئي آهي. پرائيويٽ حج اسڪيم تحت 60 هزار ماڻهن جي بُڪنگ گهربل آهي. وزارت پرائيويٽ حج اسڪيم جي سست رويءَ جي حوالي سان هڪ خط به لکيو هو. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته وزارت اصولي فيصلو ڪيو آهي ته جيڪڏهن پرائيويٽ حج اسڪيم جي ڪوٽا باقي رهجي وئي ته ان کي ٻيهر وزارت سرڪاري حج اسڪيم ۾ شامل ڪندي، پرائيويٽ حج اسڪيم جي آخري تاريخ 17 آڪٽوبر آهي. پرائيويٽ ٽوئر آپريٽرز کي نه صرف حتمي تاريخ تائين بُڪنگ مڪمل ڪرڻي آهي پر وزارت کي پنهنجي مالي حيثيت جي حوالي سان خاطري ڪرائڻي آهي.










