اسلام آباد- 06 آڪٽوبر (اي پي پي) قومي اسيمبلي جو اجلاس ڪورم پورو نه هجڻ سبب خميس جي شام 5 وڳي تائين ملتوي ڪيو ويو. سومر ڏينهن قومي اسيمبلي جي اجلاس ۾ 2 ڀيرا ڪورم جي نشاندهي ڪئي وئي. پهريون ڀيرو ڪورم پورو هو پر ٻيو ڀيرو ڪورم پورو نه هجڻ ڪري اجلاس ڪجهه دير لاءِ ملتوي ڪيو ويو. بعد ۾ اجلاس ٻيهر شروع ٿيو ته ڳڻپ ڪرڻ تي ڊپٽي …
قومي اسيمبلي جو اجلاس خميس تائين ملتوي
اسلام آباد- 06 آڪٽوبر (اي پي پي) قومي اسيمبلي جو اجلاس ڪورم پورو نه هجڻ سبب خميس جي شام 5 وڳي تائين ملتوي ڪيو ويو. سومر ڏينهن قومي اسيمبلي جي اجلاس ۾ 2 ڀيرا ڪورم جي نشاندهي ڪئي وئي. پهريون ڀيرو ڪورم پورو هو پر ٻيو ڀيرو ڪورم پورو نه هجڻ ڪري اجلاس ڪجهه دير لاءِ ملتوي ڪيو ويو. بعد ۾ اجلاس ٻيهر شروع ٿيو ته ڳڻپ ڪرڻ تي ڊپٽي اسپيڪر سيد غلام مصطفيٰ شاهه اجلاس جي ڪارروائي خميس جي شام 5 وڳي تائين ملتوي ڪري ڇڏي.










