اسلام آباد- 06 آڪٽوبر (اي پي پي) سينيٽ جو اجلاس ڪورم پورو نه هجڻ سبب خميس جي شام 5 وڳي تائين ملتوي ڪيو ويو. سومر ڏينهن سينيٽ اجلاس ۾ پ پ پ ميمبرن پاڪستان پيپلز پارٽي ۽ مسلم ليگ (ن) وچ ۾ صوبائي معاملن تي بيان بازي جي معاملي تي ايوان مان واڪ آئوٽ ڪيو. ان دوران مخالف ڌر ميمبرن ڪورم جي نشاندهي ڪئي جنهن تي وقتي چيئرمين سيدال خان …
سينيٽ جو اجلاس ڪورم پورو نه هجڻ سبب خميس تائين ملتوي
اسلام آباد- 06 آڪٽوبر (اي پي پي) سينيٽ جو اجلاس ڪورم پورو نه هجڻ سبب خميس جي شام 5 وڳي تائين ملتوي ڪيو ويو. سومر ڏينهن سينيٽ اجلاس ۾ پ پ پ ميمبرن پاڪستان پيپلز پارٽي ۽ مسلم ليگ (ن) وچ ۾ صوبائي معاملن تي بيان بازي جي معاملي تي ايوان مان واڪ آئوٽ ڪيو. ان دوران مخالف ڌر ميمبرن ڪورم جي نشاندهي ڪئي جنهن تي وقتي چيئرمين سيدال خان ناصر ڳڻپ ڪرڻ ۽ 5 منٽ گهنٽيون وڄائڻ جي هدايت ڪئي. ڳڻپ دوران ڪورم پورو هو پر مخالف ڌر ٻيهر ڪورم جي نشاندهي ڪئي جنهن تي وقتي چيئرمين ٻيهر ڳڻپ ڪرڻ ۽ 5 منٽ گهنٽيون وڄائڻ جي هدايت ڪئي. ٻيهر ڳڻپ تي ڪورم پورو نه هو جنهن کان پوءِ وقتي چيئرمين سينيٽ اجلاس جي ڪارروائي خميس جي شام 5 وڳي تائين ملتوي ڪري ڇڏي.










