اسلام آباد - 06 آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف پاڪستاني معيشت جي حوالي سان بلومبرگ جي تازي مثبت رپورٽ جي آجيان ڪندي چيو آهي ته اها رپورٽ پاڪستاني معيشت تي عالمي سيڙپڪارن جي اعتماد ۾ مسلسل اضافي جو مظهر آهي، ترقي جو اهو سفر هاڻي جاري رهندو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم چيو ته رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته پاڪستان جي …
وزيراعظم پاران پاڪستاني معيشت جي حوالي سان بلومبرگ جي تازي مثبت رپورٽ جي آجيان
اسلام آباد – 06 آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف پاڪستاني معيشت جي حوالي سان بلومبرگ جي تازي مثبت رپورٽ جي آجيان ڪندي چيو آهي ته اها رپورٽ پاڪستاني معيشت تي عالمي سيڙپڪارن جي اعتماد ۾ مسلسل اضافي جو مظهر آهي، ترقي جو اهو سفر هاڻي جاري رهندو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم چيو ته رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته پاڪستان جي ڪريڊٽ ڊيفالٽ سواپ ۾ لڪل ڊيفالٽ جي امڪانن ۾ 2200 بيس پوائنٽس جي وڏي گهٽتائي ٿي آهي، پاڪستان جي سي ڊي ايس جي قيمت ۾ نمايان گهٽتائي پاڪستاني معيشت تي عالمي سيڙپڪارن جي اعتماد ۾ مستقل اضافي جو مظهر آهي. وزيراعظم چيو ته عالمي درجابندي موجب اڀرندڙ معيشتن ۾ هن وقت ترڪيه کانپوءِ پاڪستان ٻئي نمبر تي آهي جيڪا اسان جي معيشت جي لاءِ سٺي خبر آهي. هن چيو ته گذريل حڪومت جي پڄاڻي تائين ملڪ ڊيفالٽ جي ويجهو بيٺل هو، بلومبرگ جي رپورٽ اسان جي لاءِ هڪ انتهائي اهم سنگ ميل ۽ اسان جي ترقي جي سفر جي مظهر آهي، پاڪستان حڪومت جي اڻٿڪ ڪوششن ۽ پاڪستاني ۽ عالمي ڪاروباري برادري جي تعاون سان پاڪستان جي ترقي جو واعدو پورو ٿيندو نظر اچي رهيو آهي، هاڻي ترقي جو اهو سفر هرگز نه بيهندو.










