پترا جايا- 06 آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف پاڪستان ايڊمنسٽريٽو سروس جي رٽائرڊ آفيسر همايون فرشوري جي لاڏاڻي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران سومر ڏينهن جاري ڪيل بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف پنهنجي تعزيتي پيغام ۾ همايون فرشوري جي خدمتن کي خراج تحسين پيش ڪندي چيو ته هو هڪ ناليوارو سرڪاري ملازم هو جنهن جُون خدمتُون …
وزيراعظم پاران پاڪستان ايڊمنسٽريٽو سروس جي رٽائرڊ آفيسر همايون فرشوري جي لاڏاڻي تي ڏک جو اظهار
پترا جايا- 06 آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف پاڪستان ايڊمنسٽريٽو سروس جي رٽائرڊ آفيسر همايون فرشوري جي لاڏاڻي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران سومر ڏينهن جاري ڪيل بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف پنهنجي تعزيتي پيغام ۾ همايون فرشوري جي خدمتن کي خراج تحسين پيش ڪندي چيو ته هو هڪ ناليوارو سرڪاري ملازم هو جنهن جُون خدمتُون سدائين ياد رکيون وينديون. سندس زندگي قوم ۽ ان سان لاڳاپيل ماڻهن جي خدمت جي هڪ متاثر ڪندڙ مثال آهي. کيس سندس غير معمولي ايمانداري ۽ ذهانت جي ڪري ياد رکيو ويندو. وزيراعظم دعا ڪئي ته الله تعاليٰ مرحوم کي جنت ۾ جاءِ ڏئي ۽ سوڳوار خاندان کي صبر ۽ جميل عطا فرمائي.










