ڪوالالمپور-05 آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ملائيشيا ۾ پنهنجي گرمجوشي سان استقبال تي شڪريو ادا مڃيندي چيو آهي ته هو ملائيشيا جي وزيراعظم داتو سري انور ابراهيم سان خوشگوار ۽ لاڀائتي ٻطرفي ڳالهه ٻولهه جو منتظر آهي. آچر ڏينهن سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ايڪس تي هڪ پوسٽ ۾ وزيراعظم چيو ته منهنجي پياري ڀاءُ ملائيشيا جي وزيراعظم داتو سري انور ابراهيم جي دعوت تي ملائيشيا جو …
پاڪستان ۽ ملائيشيا جا لاڳاپا مضبوط کان مضبوط تر ٿيندا: وزيراعظم محمد شهباز شريف
ڪوالالمپور-05 آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ملائيشيا ۾ پنهنجي گرمجوشي سان استقبال تي شڪريو ادا مڃيندي چيو آهي ته هو ملائيشيا جي وزيراعظم داتو سري انور ابراهيم سان خوشگوار ۽ لاڀائتي ٻطرفي ڳالهه ٻولهه جو منتظر آهي. آچر ڏينهن سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ايڪس تي هڪ پوسٽ ۾ وزيراعظم چيو ته منهنجي پياري ڀاءُ ملائيشيا جي وزيراعظم داتو سري انور ابراهيم جي دعوت تي ملائيشيا جو سرڪاري دورو ڪرڻ منهنجي لاءِ خوشي جي ڳالهه آهي. آئُون گرمجوشي سان استقبال لاءِ سچي دل سان ٿورائتو آهيان. هن چيو ته هُو ملائيشيا جي وزيراعظم ۽ سندس ٽيم سان خوشگوار ۽ لاڀائتي ٻطرفي ڳالهه ٻولهه جو منتظر آهي. وزيراعظم ان اعتماد جو اظهار ڪيو ته پاڪستان ۽ ملائيشيا جا لاڳاپا انشاءَ الله وڌيڪ مضبوط کان مضبوط تر ٿيندا ويندا.










