ڪوالالمپور-05 آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ملائيشيا جي سرڪاري دوري تي ڪوالالمپور پهچي ويو، ايئرپورٽ تي وزيراعظم جو شاندار آڌر ڀاءُ ڪيو ويو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ مان جاري بيان موجب ڪوالالمپور جي بنگارايا بين الاقوامي ايئرپورٽ تي ملائيشيا جي اطلاعات، ڪميونيڪيشنز واري وزير فهمي فاضل، ملائيشيا ۾ مقرر پاڪستاني هاءِ ڪمشنر سيد احسن رضا شاهه ۽ سفارتي عملي وزيراعظم جي آجيان ڪئي. وزيراعظم شاهي پروٽوڪول …
وزيراعظم محمد شهباز شريف ملائيشيا جي سرڪاري دوري تي ڪوالالمپور پهچي ويو
ڪوالالمپور-05 آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ملائيشيا جي سرڪاري دوري تي ڪوالالمپور پهچي ويو، ايئرپورٽ تي وزيراعظم جو شاندار آڌر ڀاءُ ڪيو ويو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ مان جاري بيان موجب ڪوالالمپور جي بنگارايا بين الاقوامي ايئرپورٽ تي ملائيشيا جي اطلاعات، ڪميونيڪيشنز واري وزير فهمي فاضل، ملائيشيا ۾ مقرر پاڪستاني هاءِ ڪمشنر سيد احسن رضا شاهه ۽ سفارتي عملي وزيراعظم جي آجيان ڪئي. وزيراعظم شاهي پروٽوڪول ۾ سندس رهائشگاهه پهتو. وزيراعظم محمد شهباز شريف جي رهائشگاهه آمد تي ملائيشيا جي وزيراعظم انور ابراهيم وزيراعظم محمد شهباز شريف جو گرمجوشي سان استقبال ڪيو ۽ کيس ملائيشيا اچڻ تي ڀليڪار چيو. وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو ته ملائيشيا اچي تمام گهڻي خوشي ٿي رهي آهي، شاندار آڌرڀاءُ تي وزيراعظم جي وزيراعظم جو شڪريو ادا ڪريان ٿو. وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو ته هن دوري سان پاڪستان، ملائيشيا ٻطرفن لاڳاپن کي وڌيڪ هٿي ملندي، نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار، سڌ سماءُ وارو وفاقي وزير عطا الله تارڙ ۽ وزيراعظم جو خاص مددگار طارق فاطمي به وزيراعظم سان گڏ آهن. وزيراعظم ملائيشيا جي وزيراعظم انور ابراهيم جي دعوت تي ملائيشيا جي دوري تي پهتل آهي، وزيراعظم محمد شهباز شريف پنهنجي دوري دوران ملائيشيا جي وزيراعظم سان ملاقات ڪندو جڏهن ته ٻنهي ملڪن وچ ۾ وفدن جي سطح تي به ڳالهيون ٿينديون. ٻنهي ملڪن وچ ۾ مختلف شعبن ۾ تعاون جي معاهدن ۽ مفاهمتي يادداشتن تي پڻ صحيحون ٿينديون، ٻئي اڳواڻ واپار، آءِ ٽي، ٽيلي ڪام، حلال انڊسٽري، سيڙپڪاري، تعليم، توانائي، انفر اسٽرڪچر ۽ ڊجيٽل معيشت ۾ ٻطرفي تعاون کي وڌائڻ تي غور ڪندا. عوام جا عوام سان رابطا وڌائڻ لاءِ نئين تعاون جا موقعا ڳولڻ تي به ڳالهيون ٿينديون. وزيراعظم محمد شهباز شريف جو هي دورو ٻنهي ملڪن جي لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم بڻائڻ جي حوالي سان انتهائي اهميت وارو آهي.










