صدر پاران استادن جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي پاڪستان سميت سڄي دنيا جي استادن کي مبارڪون

اسلام آباد- 05آڪٽوبر (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري استادن جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي پاڪستان سميت سڄي دنيا جي استادن کي دلي مبارڪون ڏيندي چيو آهي ته تدريس هڪ مقدس فرض آهي، جنهن سان علم، اخلاق ۽ سماجي شعور کي هٿي وٺرائي ويندي آهي، هن ڏينهن تي اسان استادن جي عظيم خدمتن، قربانين ۽ ڪردار کي خراج تحسين پيش ڪريون ٿا جن نسل در نسل ذهنن کي …

اسلام آباد- 05آڪٽوبر (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري استادن جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي پاڪستان سميت سڄي دنيا جي استادن کي دلي مبارڪون ڏيندي چيو آهي ته تدريس هڪ مقدس فرض آهي، جنهن سان علم، اخلاق ۽ سماجي شعور کي هٿي وٺرائي ويندي آهي، هن ڏينهن تي اسان استادن جي عظيم خدمتن، قربانين ۽ ڪردار کي خراج تحسين پيش ڪريون ٿا جن نسل در نسل ذهنن کي روشن ڪيو ۽ معاشرن جا بنياد مضبوط ڪيا، تدريس صرف هڪ پيشو نه پر هڪ اعليٰ درجي جي انسانيت جي خدمت آهي. استاد علم ۽ قدرن جا امين هوندا آهن جيڪي نوجوانن کي سچائي، انصاف ۽ بهترين ڪردار جي راهه ڏيکارين ٿا. استادن جو رثر رسوخ ڪلاس رومن تائين محدود ناهي پر هو زندگي کي بدلائڻ ۽ معاشرن کي سنوارڻ ۾ بنيادي ڪردار ادا ڪن ٿا. ايوان صدر جي پريس ونگ مان جاري بيان موجب صدر مملڪت آصف علي زرداري استادن جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ چيو آهي ته پاڪستان جا استاد هميشه قومي تعمير جي عمل ۾ پهرين قطار ۾ رهيا آهن. مشڪل حالتن ۽ محدود وسيلن باوجود اهي علم جي روشني پکيڙڻ ۾ مصروف آهن. سندن استقامت ۽ عزم فخر جوڳو آهي جيڪو نوجوان نسل کي ملڪ جي ترقي ۽ خوشحالي ۾ موثر ڪردار ادا ڪرڻ جي قابل بڻائي ٿو. هن چيو ته جديد دور ۾ استادن جو ڪردار پهرين کان ڪيترائي ڀيرا وڌيڪ اهم آهي، تيزي سان بدلجندڙ ٽيڪنالاجي، معاشي چئلينجز ۽ ماحولياتي تبديلين جي روشني ۾ استاد اميد ۽ تبديلي جا علمبردار آهن. هن ان ڳالهه تي زور ڀريو ته استادن کي جديد تدريسي مهارتن، ڊجيٽل ٽولز ۽ پيشيوراڻي تربيت سان تيار ڪرڻ وقت جي ضرورت آهي ته جيئن هو شاگردن کي نه رڳو علم پر جدت، همدردي ۽ تلخيقي سوچ سان به تيار ڪري سگهن .صدر مملڪت ان عزم کي ورجايو ته پاڪستان حڪومت تدريسي شعبي جي مڪمل سرپرستي جاري رکندي. هن چيو ته استادن جي تربيت، ٽيڪنالاجي جي انضمام، بهتر سهولتن ۽ استادن جي وقار جي تحفظ لاءِ قدم حڪومت جي پهرين ترجيح آهن. هن چيو ته معياري تعليم حاصل ڪرڻ ۽ علم تي ٻڌل معاشرو جوڙڻ ۾ استادن جو اهم ڪردار آهي. هن چيو ته پوري قوم خاندانن، سول سوسائٽي ۽ نجي شعبي کي استادن جي احترام ۽ سندن معاونت ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي. اها قوم جيڪا پنهنجي استادن کي عزت ڏي ٿي اها پنهنجي مستقبل کي روشن بڻائي ٿي. هن سمورن استادن کي سندن اڻٿڪ خدمتن تي خراج تحسين پيش ڪندي چيو ته اچو ته اسان اهو عهد ڪريون ته اسان پنهنجي استادن جو احترام ۽ انهن جي سرپرستي جاري رکنداسين ته جيئن هو ايندڙ نسلن کي علم، دانائي ۽ ترقي جي راهه ڏيکاريندا رهن. هن دعا ڪئي ته الله تعاليٰ اسان جي استادن کي پنهنجي رحمت سان نوازي، تعليم جي نظام کي مضبوط ڪري ۽ پاڪستان کي علم، امن ۽ خوشحالي جي راهه تي گامزن ڪري.