اسلام آباد -05 آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ملائيشيا جي وزيراعظم انوار ابراهيم جي دعوت تي ملائيشيا جي 3 ڏينهن جي سرڪاري دوري تي روانو ٿي ويو. ان موقعي تي وزيراعظم سان گڏ نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق، سڌ سماءَ وارو وفاقي وزير عطاالله تارڙ ۽ وزيراعظم جو خاص مددگار طارق فاطمي پڻ وزيراعظم سان گڏ هئا. گذريل ڏينهن وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ …
وزيراعظم شهباز شريف ملائيشيا جي 3 ڏينهن جي سرڪاري دوري تي روانو
اسلام آباد -05 آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ملائيشيا جي وزيراعظم انوار ابراهيم جي دعوت تي ملائيشيا جي 3 ڏينهن جي سرڪاري دوري تي روانو ٿي ويو. ان موقعي تي وزيراعظم سان گڏ نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق، سڌ سماءَ وارو وفاقي وزير عطاالله تارڙ ۽ وزيراعظم جو خاص مددگار طارق فاطمي پڻ وزيراعظم سان گڏ هئا. گذريل ڏينهن وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو ته کيس خوشي آهي ته ان دوري دوران ٻنهي ملڪن وچ ۾ واپار ۽ اقتصادي لاڳاپن کي هٿي وٺائڻ کان علاوه مختلف شعبن ۾ ٻه طرفه سهڪار وڌائڻ لاءِ جامع ڳالهيون ٿينديون. وزيراعظم ٻڌايو ته دوري دوران ملائيشيا جي قيادت سان اهم عالمي ۽ علائقائي معاملن تي به ڳالهيون ٿينديون. ٻنهي ملڪن وچ ۾ مختلف شعبن ۾ سهڪار جي معاهدن ۽ مفاهمتي يادداشت نامن تي صحيحيون پڻ ٿينديون. جڏهن ته ٻئي اڳواڻ واپار، آءِ ٽي ۽ ٽيليڪام، حلال انڊسٽري، سيڙپڪاري، تعليم، توانائي، انفراسٽرڪچر ۽ ڊجيٽل معيشت ۾ ٻه طرفه سهڪار کي وڌائڻ تي پڻ ڳالهيون ڪندا. جڏهن ته عوام سان عوام جي رابطن کي وڌائڻ لاءِ نوان موقعا ڳولهڻ تي پڻ ڳالهيون ڪيون وينديون. وزيراعظم ان اميد جو اظهار ڪيو ته پاڪستان ۽ ملائيشيا جا لاڳاپا مستقبل ۾ وڌيڪ مضبوط ۽ مستحڪم ٿيندا.










