وزيراعظم پاران ماهنور چيما کي اي ليول امتحانن ۾ 24 مضمونن ۾ امتيازي گريڊ سان ڪاميابي حاصل ڪرڻ تي مبارڪباد

لاهور-05 آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف، ماهنور چيما کي اي ليول امتحانن ۾ 24 مضمونن ۾ انفرادي طور تي امتيازي گريڊ سان ڪاميابي حاصل ڪرڻ ۽ شاندار ڪارڪردگي ڏيکارڻ تي مبارڪ ڏيندي چيو آهي ته ماهنور چيما ملڪ ۽ قوم جو قيمتي اثاثو ۽ نوجوان نسل لاءِ مشعل راهه آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ مان جاري بيان مطابق وزيراعظم گذريل هفتي لنڊن جي دوري دوران تعليمي …

لاهور-05 آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف، ماهنور چيما کي اي ليول امتحانن ۾ 24 مضمونن ۾ انفرادي طور تي امتيازي گريڊ سان ڪاميابي حاصل ڪرڻ ۽ شاندار ڪارڪردگي ڏيکارڻ تي مبارڪ ڏيندي چيو آهي ته ماهنور چيما ملڪ ۽ قوم جو قيمتي اثاثو ۽ نوجوان نسل لاءِ مشعل راهه آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ مان جاري بيان مطابق وزيراعظم گذريل هفتي لنڊن جي دوري دوران تعليمي ميدان ۾ ورلڊ رڪارڊ رکندڻ پاڪستاني ڄائي شاگردياڻي ماهنور چيما سان ملاقات ڪئي. ان موقعي تي وزيراعظم، ماهنور چيما کي اي ليول امتحانن ۾ 24 مضمونن ۾ انفرادي طور تي امتيازي گريڊ سان ڪاميابي حاصل ڪرڻ ۽ شاندار ڪارڪردگي ڏيکارڻ تي دلي مبارڪ ڏيندي چيو ته ماهنور چيما ملڪ ۽ قوم جو قيمتي اثاثو آهي. هن ماهنور چيما جي والدين کي به ان ڪاميابي تي مبارڪ ڏني ۽ ماهنور چيما لاءِ وڌيڪ ڪاميابين لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. وزيراعظم، ماهنور چيما کي تحفا به پيش ڪيا. ماهنور چيما وزيراعظم جو ٿورو مڃيو ۽ ان عزم جو اظهار ڪيو ته هو تعليمي ميدان ۾ وڌيڪ ڪاميابيون حاصل ڪندي.