اسلام آباد -05 آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف قومن جي تعمير ۾ استادن جي ڪردار کي خراج تحسين پيش ڪندي چيو آهي، ته پاڪستان حڪومت جي ترجيح آهي، ته ملڪ ۾ تعليمي نظام کي اثرائتو ۽ جديد دور جي گهرجن سان هم آهنگ بڻايو وڃي ته جيئن اسان جي ايندڙ نسل دنيا جي علمي ۽ فني ميدان ۾ مقابلو ڪري ملڪ جو نالو روشن ڪري سگهي. نئين نسل …
نئين نسل جي تعليم ۽ تربيت ۾ استادن، والدين ۽ معاشري جو مجموعي هاڪاري ۽ تعميري ڪردار ملڪ ۽ قوم جي ترقي ۽ خوشحالي ۽ بهترين مستقبل جو ضامن هوندو آهي: وزيراعظم

مزید خبریں
اسلام آباد -05 آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف قومن جي تعمير ۾ استادن جي ڪردار کي خراج تحسين پيش ڪندي چيو آهي، ته پاڪستان حڪومت جي ترجيح آهي، ته ملڪ ۾ تعليمي نظام کي اثرائتو ۽ جديد دور جي گهرجن سان هم آهنگ بڻايو وڃي ته جيئن اسان جي ايندڙ نسل دنيا جي علمي ۽ فني ميدان ۾ مقابلو ڪري ملڪ جو نالو روشن ڪري سگهي. نئين نسل جي تعليم ۽ تربيت ۾ استادن، والدين ۽ معاشري جي مجموعي هاڪاري ۽ تعميري ڪردار ملڪ ۽ قوم جي ترقي ۽ خوشحالي ۽ بهترين مستقبل جو ضامن هوندو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم استادن جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ چيو آهي، ته استادن جي عالمي ڏينهن تي پاڪستان دنيا سان گڏ هڪ آواز ٿي سڄي دنيا جي استادن کي خراج عقيدت ۽ سندن خدمتن تي خراج تحسين پيش ڪري ٿو. وزيراعظم چيو ته عالمي سطح تي استادن لاءِ ڏينهن مختص ڪرڻ نه رڳو پاڪستان پر سڄي دنيا جي استادن جي خدمتن جي اعتراف جو موقعو فراهم ڪري ٿو. وزيراعظم چيو ته اڄوڪي ڏينهن خاص ڪري پاڪستان جي تاريخ ۾ بي لوث خدمتون سرانجام ڏيڻ وارن استادن کي پاڪستان حڪومت ۽ پاڪستان جي عوام طرفان ڀرپور خراج تحسين پيش ڪيان ٿو. وزيراعظم چيو ته هن سال 2025ع ۾ استادن جو عالمي ڏينهن ”تدريس هڪ گڏيل سهڪار ۽ گڏيل پيشو“ طور اجاگر ڪرڻ جي عنوان سان ملهايو پيو وڃي جنهن جو مقصد سڄي دنيا جي سمورن استادن، درسگاهن ۽ تعليمي نظام ۾ هم آهنگي پيدا ڪرڻ جي اهميت کي اجاگر ڪرڻ آهي. وزيراعظم چيو ته بهترين ۽ جديد تدريسي نظام ئي ملڪ ۽ قوم جي انفرادي ۽ اجتماعي سگهه ۾ اضافو ڪرڻ سان گڏوگڏ حڪومتي نظام، پاليسين ۾ بهتري جو سبب بڻجي سگهي ٿو. قومن جي مجموعي تعمير ۽ ترقي ۽ ڪنهن به ملڪ جي نسلن جي انفرادي تعليم ۽ تربيت ۾ استادن جو اهم ڪردار آهي. وزيراعظم چيو ته ملڪن جي افرادي قوت جي علمي ۽ فني صلاحيتن جو دارو مدار انهن جي ذهني اوسر ۽ عقل ۽ شعور جي معيار تي هوندو آهي جنهن کي اڀارڻ ۾ استادن جي محنت فيصلائتي حيثيت رکي ٿي. وزيراعظم چيو ته پاڪستان حڪومت جي ترجيح آهي، ته پاڪستان ۾ تعليمي نظام کي اثرائتو ۽ جديد دور جي گهرجن سان هم آهنگ بڻايو وڃي ته جيئن اسان جو ايندڙ نسل دنيا جي علمي ۽ فني ميدان مقابلو ڪري ملڪ جو نالو روشن ڪري سگهي. وزيراعظم چيو ته جتي استاد پنهنجي پيشيواراڻين ذميوارين ۽ شاگردن ۽ ايندڙ نسل طرف پنهنجا فرض سهڻي نموني سرانجام ڏئي رهيا آهن اتي مجموعي طور تي معاشري جو به اهو فرض آهي ته استادن جي معاشري ۾ عزت ۽ احترام ڪنهن به ريت گهٽ نه هئڻ گهرجي. وزيراعظم چيو ته استادن جي فني سگهه ۾ اضافو ۽ سندن معاشي آسودگي جو خيال رکڻ پاڪستان جي حڪومت ۽ صوبائي حڪومتن جي ذميوارين ۾ شامل آهي. استادن کي فرضن جي ادائگي ۾ مدد سان گڏ سندن حقن جي حفاظت به اولين ترجيحن ۾ شامل آهي. وزيراعظم چيو ته استادن جي حقن ۽ فرضن جي تحفظ لاءِ نه رڳو قومي پر عالمي سطح تي مجموعي ڪوششن ۽ مدد جي ضرورت آهي. ته جيئن عالمي سطح تي هن طبقي کي اثرائتو بڻائيندي دنيا جي روشن مستقبل جي بنياد کي مضبوط ڪري سگهجي. وزيراعظم چيو ته عالمي سطح تي ملڪن وچ ۾ استادن جي مٽاسٽا ۽ شاگردن جي عالمي درسگاهن ۾ گڏيل پروگرام ۾ شرڪت هڪ سٺو سنئوڻ آهي جنهن کي هٿي وٺائڻ لاءِ ڪم ڪرڻ گهرجي.











