ويٽنام ۾ سامونڊي طوفان بوالوئي جي وڏي پيماني تي تباهي، 51 ڄڻا اجل جو شڪار، 164 زخمي، 14 لاپتا

هنوئي-01 آڪٽوبر (اي پي پي)ويٽنام ۾ سامونڊي طوفان بوالوئي سبب آيل ٻوڏ ۽ مٽيءَ جي ڇپن وڏي پيماني تي تباهي آندي آهي جنهن جي نتيجي ۾51 ڄڻا اجل جو شڪار، 164 زخمي ۽ 14 لاپتا آهن. پرڏيهي ميڊيا موجب رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته طوفان بوالوئي سبب 2 لک 38 هزار کان وڌيڪ گهرن کي نقصان پهتو آهي ۽ 89 هزار هيڪٽرز تي پوکيل ساريالو ۽ ٻيو فصل پاڻي …

هنوئي-01 آڪٽوبر (اي پي پي)ويٽنام ۾ سامونڊي طوفان بوالوئي سبب آيل ٻوڏ ۽ مٽيءَ جي ڇپن وڏي پيماني تي تباهي آندي آهي جنهن جي نتيجي ۾51 ڄڻا اجل جو شڪار، 164 زخمي ۽ 14 لاپتا آهن. پرڏيهي ميڊيا موجب رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته طوفان بوالوئي سبب 2 لک 38 هزار کان وڌيڪ گهرن کي نقصان پهتو آهي ۽ 89 هزار هيڪٽرز تي پوکيل ساريالو ۽ ٻيو فصل پاڻي هيٺ اچي ويو آهي.ان کان علاوه 50 هزار کان وڌيڪ هيڪٽرز تي بيٺل بيلي کي نقصان وهتو آهي. طوفان سبب بنيادي ڍانچي کي پڻ وڏو نقصان پهتو آهي.رپورٽ ۾ معاشي نقصان جو شروعاتي ڪاٿو اٽڪل 60.8 ملين آمريڪي ڊالر ٻڌايو پيو وڃي. وزير اعظم اٽڪل 96.5 ملين آمريڪي  دالرن جي امدادي رقم جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي جيڪا 15 متاثر علائقن ۾ هنگامي امداد طور فراهم ڪئي ويندي.

مزید خبریں