آمريڪا پاران سلوواڪيه کي 7 ايف -16 ويڙهاڪ جهاز فراهم

براٽسلاوا- 3 آڪٽوبر (اي پي پي) آمريڪا سلواڪيه کي معاهدي موجب 14 مان 7 ايف -16 ويڙهاڪ جهاز فراهم ڪري ڇڏيا آهن. پرڏيهي خابرو اداري مطابق سلواڪيه 2018ع جي آخر ۾ آمريڪا سان 14 عدد ايف 16 سي/ڊي بلاڪ 70 ويڙهاڪ جهازن جي خريداري جو معاهدو ڪيو هو پر ڪووڊ -19 جي عالمگير وبا سبب جهازن جي فراهمي دير جو شڪار ٿي هئي. رپورٽ مطابق 2 عدد ايف -16 بلاڪ …

براٽسلاوا- 3 آڪٽوبر (اي پي پي) آمريڪا سلواڪيه کي معاهدي موجب 14 مان 7 ايف -16 ويڙهاڪ جهاز فراهم ڪري ڇڏيا آهن. پرڏيهي خابرو اداري مطابق سلواڪيه 2018ع جي آخر ۾ آمريڪا سان 14 عدد ايف 16 سي/ڊي بلاڪ 70 ويڙهاڪ جهازن جي خريداري جو معاهدو ڪيو هو پر ڪووڊ -19 جي عالمگير وبا سبب جهازن جي فراهمي دير جو شڪار ٿي هئي. رپورٽ مطابق 2 عدد ايف -16 بلاڪ 70 ويڙهاڪ، هڪ سنگل سيٽ ۽ هڪ ڊبل سيٽ گذريل شام جو اولهه سلواڪيه جي ملاڪي ايئر بيس تي لاٿا ويا. اهي جهاز فني منظوري بعد تربيتي اڏامون شروع ڪندا . خريد ڪيل جهازن ۾ پهريون گذريل سال گرمي جي موسم ۾ ملاڪي ويجهو ڪچينا ۾ فوجي ايئر بيس تي پهتو هو.

مزید خبریں