گڏيل قومون-02 آڪٽوبر (اي پي پي) چين غزه جي انساني بحران جي خاتمي لاءِ گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل ۾ پيش ڪيل ٺهرائن کي آمريڪا طرفان ڪيترائي ڀيرا ويٽو ڪرڻ تي شديد مايوسي ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. گڏيل قومن ۾ چين جي مستقل نمائندي فوڪانگ گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي ۾ مباحثي ۾ ويٽو جي استعمال تي رمارڪس ۾ چيو ته عالمي برادري ڊگهي عرصي کان غزه پٽي …
آمريڪا بار بار ويٽو جو غلط استعمال نه ڪري ها ته غزه بحران تي سلامتي ڪائونسل جو رد عمل ايتري قدر ناڪافي ۽ غير موثر نه هجي ها: چين

مزید خبریں
گڏيل قومون-02 آڪٽوبر (اي پي پي) چين غزه جي انساني بحران جي خاتمي لاءِ گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل ۾ پيش ڪيل ٺهرائن کي آمريڪا طرفان ڪيترائي ڀيرا ويٽو ڪرڻ تي شديد مايوسي ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. گڏيل قومن ۾ چين جي مستقل نمائندي فوڪانگ گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي ۾ مباحثي ۾ ويٽو جي استعمال تي رمارڪس ۾ چيو ته عالمي برادري ڊگهي عرصي کان غزه پٽي ۾ جنگ بندي ۽ جارحيت جي خاتمي جي اپيل ڪئي آهي، غزه ۾ جاري جنگ جي نتيجي ۾ فوتگيون ۽ وڏي پئماني تي تباهي ٿي آهي، جنهن سبب عالمي قانونن جي بالاستي جي تصور کي نقصان پهتو آهي. چين جي نمائندي 18 سيپٽمبر تي آمريڪا طرفان سلامتي ڪائونسل ۾ غزه جي حوالي سان ٺهرائڻ خلاف ويٽو جي استعمال جو حوالو ڏيندي چيو ته سلامتي ڪائونسل غزه ۾ جنگ بندي جون بار بار ڪوششون ڪيون آهن ۽ اسرائيل کان فوري طور تي غزه ۾ انساني همدردي جي بنياد تي پهچ تي لاڳو سموريون پابنديون هٽائڻ جو مطالبو ڪيو ويو پر رڳو آمريڪا طرفان انهن ڪوششن کي ويٽو ڪرڻ ذريعي ڪيترائي ڀيرا روڪيو ويو آهي. چين جي نمائندي چيو ته جيڪڏهن آمريڪا طرفان بار بار ويٽو جو غلط استعمال نه ڪيو وڃي ها ته غزه بحران تي سلامتي ڪائونسل جو رد عمل ايتري قدر ناڪافي ۽ غير موثر نه هجي ها.











