منيلا-02 آڪٽوبر (اي پي پي ) فلپائن جي مرڪزي صوبي سيبو ۾ اڱاري جي رات آيل 6.9 جي شدت جي طاقتور زلزلي سبب فوتين جو انگ وڌي 72 ٿي ويو آهي. جڏهن ته 294 کان به وڌيڪ ماڻهو زخمي ٿي چڪا آهن. پرڏيهي ميڊيا موجب فلپائن جي ڊزاسٽر مينيجمينٽ ايجنسي (اين ڊي آر آر ايم سي) ٻڌايو آهي ته زلزلو مقامي وقت موجب رات جو 9 لڳي 59 منٽن تي …
فلپائن ۾ زلزلي سبب فوتين جو انگ 72 ٿي ويو، سيبو صوبي ۾ ايمرجنسي لاڳو

مزید خبریں
منيلا-02 آڪٽوبر (اي پي پي ) فلپائن جي مرڪزي صوبي سيبو ۾ اڱاري جي رات آيل 6.9 جي شدت جي طاقتور زلزلي سبب فوتين جو انگ وڌي 72 ٿي ويو آهي. جڏهن ته 294 کان به وڌيڪ ماڻهو زخمي ٿي چڪا آهن. پرڏيهي ميڊيا موجب فلپائن جي ڊزاسٽر مينيجمينٽ ايجنسي (اين ڊي آر آر ايم سي) ٻڌايو آهي ته زلزلو مقامي وقت موجب رات جو 9 لڳي 59 منٽن تي آيو جنهن وڏي پيماني تي تباهي آندي، زلزلي سبب اٽڪل هڪ لک 70 هزار ماڻهو متاثر، 87 عمارتون ۽ ڪيترائي گهر تباهه ٿي ويا آهن. حڪومت سيبو صوبي ۾ هنگامي حالتن جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي ته جيئن زلزلي سبب متاثرن کي فوري امداد فراهم ڪري سگهجي.











