اسلام آباد -01 آڪٽوبر (اي پي پي)گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل هڪ اهم ٺهراءَ منظور ڪندي هيٽي ۾ ڏوهه ڪندڙ گروهن خلاف ڪارروائي لاءِ هڪ وڏي عالمي فوج جي مقرري جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي جنهن جي ووٽنگ ۾ پاڪستان حصو نه ورتو. ان حوالي سان پاڪستان جي گڏيل قومن ۾ سفير عاصم افتخار احمد پنهنجي موقف جي وضاحت ۾ چيو ته پاڪستان طرفان راءِ شماري ۾ حصو نه وٺڻ …
گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل ۾ هيٽي ۾ ڏوهه ڪندڙ گروهن خلاف نئين فوجي ڪارروائي جي منظوري، پاڪستان ووٽنگ ۾ حصو نه ورتو

مزید خبریں
اسلام آباد -01 آڪٽوبر (اي پي پي)گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل هڪ اهم ٺهراءَ منظور ڪندي هيٽي ۾ ڏوهه ڪندڙ گروهن خلاف ڪارروائي لاءِ هڪ وڏي عالمي فوج جي مقرري جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي جنهن جي ووٽنگ ۾ پاڪستان حصو نه ورتو. ان حوالي سان پاڪستان جي گڏيل قومن ۾ سفير عاصم افتخار احمد پنهنجي موقف جي وضاحت ۾ چيو ته پاڪستان طرفان راءِ شماري ۾ حصو نه وٺڻ جو مطلب هيٽي جي حمايت تان هٿ کڻڻ ناهي، پر ماضي جي غلطين مان سبق سکڻ ضروري آهي ته جيئن نئين مداخلت اثرائتي هجي. هن چيو ته اسان هيٽي جي خودمختياري ۽ علائقائي سلامتي جو احترام ڪيون ٿا ۽ اميد رکون ٿا ته عالمي برادري ان مشن کي مالي، سياسي ۽ عملي مدد فراهم ڪندي ته جيئن هيٽي موجوده بحران مان نڪري سگهي. هن ٺهراءَ ۾ ڪجهه رخن جهڙوڪ فنڊنگ جي پائيداري، آپريشنل تفصيلن ۽ فوجي شموليت بابت وضاحتن جي گهٽتائي تي به ڳڻتي جو اظهار ڪيو. واضح رهي ته اهو نئون فوجي مشن ”گينگ سپريشن فورس (جي ايس ايف)“ مشن ڪينيا جي قيادت ۾ موجوده ”ملٽي نيشنل سيڪيورٽي سپورٽ (ايم ايس ايس)“ مشن جي جاءِ وٺندو. 15 ميمبرن واري سلامتي ڪائونسل ۾ ٺهراءَ کي 12 ووٽن سان منظور ڪيو ويو، جڏهن ته پاڪستان، چين ۽ روس ووٽنگ ۾ حصو نه ورتو. اهو ٺهراءَ امريڪا ۽ پاناما طرفان گڏيل طور تي پيش ڪيو ويو هو.











