ابوظهبي -01 آڪٽوبر (اي پي پي) گڏيل عرب امارات ۾ آڪٽوبر 2025ع لاءِ پيٽرول ۽ ڊيزل جي اگهن جو اعلان ڪيو ويو آهي. ميڊيا رپورٽن موجب فيول پرائيس ڪميٽيءَ نئين قيمتن جي منظوري ڏني آهي، جيڪا پهرين آڪٽوبر کان لاڳو آهي. پيٽرول سپر 98 جي نئين قيمت 2.77 درهم في ليٽر مقرر ڪئي وئي آهي، جيڪا سيپٽمبر ۾ 2.70 درهم في ليٽر هئي. اسپيشل 95 جي قيمت 2.66 درهم في …
گڏيل عرب امارات ۾ آڪٽوبر لاءِ پيٽرول ۽ ڊيزل مهانگا ٿي ويا، نئين قيمتن جو اعلان

مزید خبریں
ابوظهبي -01 آڪٽوبر (اي پي پي) گڏيل عرب امارات ۾ آڪٽوبر 2025ع لاءِ پيٽرول ۽ ڊيزل جي اگهن جو اعلان ڪيو ويو آهي. ميڊيا رپورٽن موجب فيول پرائيس ڪميٽيءَ نئين قيمتن جي منظوري ڏني آهي، جيڪا پهرين آڪٽوبر کان لاڳو آهي. پيٽرول سپر 98 جي نئين قيمت 2.77 درهم في ليٽر مقرر ڪئي وئي آهي، جيڪا سيپٽمبر ۾ 2.70 درهم في ليٽر هئي. اسپيشل 95 جي قيمت 2.66 درهم في ليٽر مقرر ڪئي وئي آهي جيڪا گذريل مهيني 2.58 درهم في ليٽر دستياب هئي. اي پلس 91 جو اگهه اضافي بعد 2.58 درهم في ليٽر ٿي ويو جنهن جي قيمت سيپٽمبر ۾ 2.51 درهم في ليٽر هئي. ڊيزل جي نئين قيمت اضافي کان پوءِ 2.71 درهم في ليٽر ٿي وئي جيڪا گذريل مهيني 2.66 درهم في ليٽر ۾ دستياب هئي. ياد رهي ته گڏيل عرب امارات جي فيول پرائيس ڪميٽي هر مهيني پيٽرول جي قيمتن جو تعين عالمي مارڪيٽ ۾ تيل جي قيمتن موجب ڪندي آهي.











