ڏکڻ ڪوريا پاران ايندڙ دفاعي بجيٽ ۾ 8.2 سيڪڙو جي اضافي جو اعلان

سيئول - 01 آڪٽوبر (اي پي پي)ڏکڻ ڪوريا پنهنجي دفاعي بجيٽ ۾ ايندڙ سال 8.2 سيڪڙو جي اضافي جو اعلان ڪيو آهي جنهن بعد ان بجيٽ جو ڳاڻيٽو 66.3 کرب وان (اٽڪل 47.1 ارب ڊالرز ) ٿي ويندو. اهڙو  اعلان ڏکڻ ڪوريا جي صدر لي جي ميونگ اعلان ڪندي  قومي سلامتي کي امن جو بنياد قرار ڏنو. سندس چوڻ هو ته دنيا اهڙي دور ۾ داخل ٿي وئي آهي جتي سهڪار ۽ …

سيئول – 01 آڪٽوبر (اي پي پي)ڏکڻ ڪوريا پنهنجي دفاعي بجيٽ ۾ ايندڙ سال 8.2 سيڪڙو جي اضافي جو اعلان ڪيو آهي جنهن بعد ان بجيٽ جو ڳاڻيٽو 66.3 کرب وان (اٽڪل 47.1 ارب ڊالرز ) ٿي ويندو. اهڙو  اعلان ڏکڻ ڪوريا جي صدر لي جي ميونگ اعلان ڪندي  قومي سلامتي کي امن جو بنياد قرار ڏنو. سندس چوڻ هو ته دنيا اهڙي دور ۾ داخل ٿي وئي آهي جتي سهڪار ۽ گڏيل ترقي جو جذبو ڪمزور ٿي رهيو آهي  جڏهن ته هر ملڪ کي پنهنجي دفاع لاءِ پاڻ تي ئي دارومدار ڪرڻو پوندو.هن واضع ڪيو ته دفاعي بجيٽ ۾ اضافي جو وڏو حصو جديد ٽيڪنالاجي جهڙوڪ ڊرونز ۽ روبوٽس تي خرچ ڪيو ويندو.هن چيو ته ڏکڻ ڪوريا جو دفاعي خرچ اڳ ئي اتر ڪوريا جي مجموعي قومي آمدني کان 1.4 ڀيرا وڌيڪ  آهي، اهو فرق برقرار رکڻ ضروري آهي ته جيئن امن قائم رهي سگهي . ياد رهي ته لي جي ميونگ جون 2025ع ۾ ان وقت اقتدار سنڀاليو هو جڏهن اڳوڻي صدر يون سوڪ يول جي مارشل لا لاڳو ڪرڻ جي تڪراري قدم کان پوءِ ملڪ ۾ سياسي بحران پيدا ٿي ويو هو.

مزید خبریں