نيويارڪ -01 آڪٽوبر(اي پي پي) گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي آڪٽوبر مهيني لاءِ روٽيشنل صدارت روس حوالي ڪئي وئي آهي. پرڏيهي ميڊيا موجب روس جي مستقل نمائندي پريس ڪانفرنس دوران ڪائونسل جي ماهوار ايجنڊه جو اعلان ڪندو. جڏهن ته هلندڙ مهيني 24 آڪٽوبر تي گڏيل قومن جي قيام کي 80 سال مڪمل ٿي ويندا، اهو ڏينهن 1945ع ۾ ان وقت ملهايو ويو جڏهن سويت يونين پاران چارٽر جي توثيق کان پوءِ …
روس هلندڙ مهيني گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي صدارت ڪندو

مزید خبریں
نيويارڪ -01 آڪٽوبر(اي پي پي) گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي آڪٽوبر مهيني لاءِ روٽيشنل صدارت روس حوالي ڪئي وئي آهي. پرڏيهي ميڊيا موجب روس جي مستقل نمائندي پريس ڪانفرنس دوران ڪائونسل جي ماهوار ايجنڊه جو اعلان ڪندو. جڏهن ته هلندڙ مهيني 24 آڪٽوبر تي گڏيل قومن جي قيام کي 80 سال مڪمل ٿي ويندا، اهو ڏينهن 1945ع ۾ ان وقت ملهايو ويو جڏهن سويت يونين پاران چارٽر جي توثيق کان پوءِ گڏيل قومون باضابطه طور قائم ٿيون. سلامتي ڪائونسل ۾ هر مهيني اٽڪل 20 اجلاس منعقد ٿيندا آهن. سيپٽمبر ۾ ڪائونسل پنهنجا 10 هزار باضابطه اجلاس منعقد ڪري هڪ اهم سنگ ميل پار ڪيو جڏهن ته هن وقت تائين مجموعي طور تي منظور ٿيل قراردادن جو انگ 2800 جي ويجهو پهچي چڪو آهي. سيپٽمبر جي مهيني ۾ ايران تي لاڳو ڪيل پابنديون سلامتي ڪائونسل جو مرڪزي موضوع رهيون ۽ اهو بحث آڪٽوبر ۾ به جاري رهڻ جو امڪان آهي. سيپٽمبر جي پڄاڻي ۾ روس ۽ چين پاران قرارداد 2231 ۾ ڇهن مهينن جي توسيع جي تجويز پيش ڪئي وئي هئي پر اهو مسودو منظور نه ٿي سگهيو. واضع رهي ته قرارداد 2231 جو مدو 18 آڪٽوبر تي ختم ٿي رهيو آهي.











