برسلز-10 آڪٽوبر (اي پي پي)يورپي ڪميشن جي صدر اورسولافان ڊيئرلائين آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ان امن منصوبي جي آجيان ڪئي جنهن جو مقصد غزه پٽي ۾ اٽڪل ٻن سالن کان جاري جنگ کي ختم ڪرڻ آهي. پرڏيهي ميڊيا موجب اورسولافان ڊيئرلائين ايڪس تي پنهنجي پوسٽ ۾ چيو ته ٻه رياستي حل اسرائيل ۽ فلسطين لاءِ منصفاڻو ۽ دائمي امن حاصل ڪرڻ جو واحد عملي رستو آهي. هن چيو ته سمورين ڌرين …
ٻه رياستي حل مستقل امن جو واحد رستو آهي: يورپي ڪميشن

مزید خبریں
برسلز-10 آڪٽوبر (اي پي پي)يورپي ڪميشن جي صدر اورسولافان ڊيئرلائين آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ان امن منصوبي جي آجيان ڪئي جنهن جو مقصد غزه پٽي ۾ اٽڪل ٻن سالن کان جاري جنگ کي ختم ڪرڻ آهي. پرڏيهي ميڊيا موجب اورسولافان ڊيئرلائين ايڪس تي پنهنجي پوسٽ ۾ چيو ته ٻه رياستي حل اسرائيل ۽ فلسطين لاءِ منصفاڻو ۽ دائمي امن حاصل ڪرڻ جو واحد عملي رستو آهي. هن چيو ته سمورين ڌرين کي ان موقعي مان فائدو حاصل ڪرڻ گهرجي. اورسولافان ڊيئرلائين موجب يورپي يونين ان حوالي سان پنهنجو حصو وجهڻ لاءِ تيار آهي. يورپي ڪميشن جي صدر چيو ته فوري طور تي جنگ بندي هجڻ گهرجي ۽ غزه جي شهرين لاءِ فوري انساني امداد فراهم ڪندي سمورن يرغمالين کي جلد آزاد ڪيو وڃي.











