انڊونيشيا ۾ اسڪول جي عمارت ڊهي پوڻ سبب 91 ماڻهو ملبي هيٺ دٻجي ويا، 3 ڄڻا اجل جو شڪار، 90 زخمي

اسلام آباد - 01 آڪٽوبر (اي پي پي) انڊونيشيا ۾ اسڪول جي عمارت ڪرڻ سبب 91 ماڻهو ملبي هيٺ دٻجي ويا آهن . پرڏيهي خابرو اداري مطابق جاوا صوبي جي ضلعي سيدوارجو ۾ هڪ اسڪول جي عمارت ڪرڻ سبب گهٽ ۾ گهٽ 91 ماڻهو ملبي هيٺ دٻجي ويا. انڊونيشيا جي قومي آفتن کي منهن ڏيندڙ ايجنسي (بي اين پي بي ) جي ترجمان مطابق واقعي ۾ هيستائين 3 ماڻهو اجل …

اسلام آباد – 01 آڪٽوبر (اي پي پي) انڊونيشيا ۾ اسڪول جي عمارت ڪرڻ سبب 91 ماڻهو ملبي هيٺ دٻجي ويا آهن . پرڏيهي خابرو اداري مطابق جاوا صوبي جي ضلعي سيدوارجو ۾ هڪ اسڪول جي عمارت ڪرڻ سبب گهٽ ۾ گهٽ 91 ماڻهو ملبي هيٺ دٻجي ويا. انڊونيشيا جي قومي آفتن کي منهن ڏيندڙ ايجنسي (بي اين پي بي ) جي ترجمان مطابق واقعي ۾ هيستائين 3 ماڻهو اجل جو شڪار ۽ 90 ماڻهو زخمي ٿي چڪا آهن جن مان 26 اسپتال ۾ علاج هيٺ آهن. امدادي ڪارڪنن ڳري مشينري بدران هٿ سان کوٽائي کي ترجيح ڏني آهي ته جيئن وڌيڪ عمارت جي ڪرڻ جو خطرو نه ٿئي. ملبي هيٺ دٻيل ماڻهن تائين خوراڪ ۽ پاڻي پهچايو پيو وڃي جڏهن ته ڪجهه حصن ۾ زندگي جا آثار مليا آهن. جن تي امدادي ڪم تيز ڪيو ويو آهي. تعميرات جي ماهرن سان صلاح مشوري بعد ملبو هٽائڻ لاءِ محفوظ طريقڪار  به تيار ڪيو پيو وڃي ته جيئن ضرورت پوڻ تي ڳري مشينري جو استعمال ڪري سگهجي.

مزید خبریں