گڏيل قومون-30 سيپٽمبر (اي پي پي) پاڪستان اسرائيل کان مطالبو ڪيو آهي ته هو والاريل اولهه ڪناري ۾ غير قانوني وسندين جي واڌ کي فوري طور تي روڪي، جيڪي گڏيل قومن جي ٺهرائن، خاص ڪري قراراد 2334 جي کُليل ڀڃڪڙي آهي. اها ڳالهه گڏيل قومن ۾ پاڪستان جي مستقل نمائندي عاصم افتخار احمد 15 رڪني سلامتي ڪائونسل کي خطاب ڪندي چئي. هن چيو ته اسرائيل جو اِي-1 منصوبو ٻه رياستي …
اسرائيل والاريل اولهه ڪناري ۾ غير قانوني وسندين جي تعمير فوري روڪي: پاڪستان

مزید خبریں
گڏيل قومون-30 سيپٽمبر (اي پي پي) پاڪستان اسرائيل کان مطالبو ڪيو آهي ته هو والاريل اولهه ڪناري ۾ غير قانوني وسندين جي واڌ کي فوري طور تي روڪي، جيڪي گڏيل قومن جي ٺهرائن، خاص ڪري قراراد 2334 جي کُليل ڀڃڪڙي آهي. اها ڳالهه گڏيل قومن ۾ پاڪستان جي مستقل نمائندي عاصم افتخار احمد 15 رڪني سلامتي ڪائونسل کي خطاب ڪندي چئي. هن چيو ته اسرائيل جو اِي-1 منصوبو ٻه رياستي حل تي سڌيءَ ريت حملو آهي جنهن سان بيت المقدس جي اوڀر واري حصي کي فلسطيني علائقن کان ڌار ڪرڻ ۽ مليل اولهه ڪناري جي ختم ٿيڻ جو خطرو آهي. هن سلامتي ڪائونسل جي قرارداد 2334 تي عملدرآمد بابت گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل جي ٽه ماهي رپورٽ تي بحث دوران چيو ته اهي پاليسيون نه صرف ناانصافيءَ تي ٻَڌل آهن پر غير قانوني پڻ آهن. ٺهراءَ ۾ اسرائيل کان مطالبو ڪيو ويو ته هو والاريل فلسطيني علائقي ۾ هر قسم جي آبادڪاريءَ جي سرگرمين کي فوري ۽ مڪمل طور تي روڪي. پاڪستاني نمائندي چيو ته جيڪڏهن سلامتي ڪائونسل پنهنجي ئي ٺهرائن تي عملدرآمد نه ڪرائي سگهي ته ان جي ساک خطري ۾ پئجي ويندي. هن اميد جي ڪِرڻ خاص طور تي فرانس ۽ سعودي عرب جي گڏيل ميزبانيءَ ۾ ٿيندڙ ٻه رياستي حل ڪانفرنس ۽ ويجهڙ ۾ ڪيترن ئي ملڪن طرفان فلسطين کي تسليم ڪرڻ جو ذڪر به ڪيو. هن چيو ته اسان آمريڪا جي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي انهن ڪوشش جي قدر ڪريون ٿا جيڪي انهن او آءِ سي ۽ 8 عرب ملڪن سان گڏجي امن کي هٿي وٺرائڻ لاءِ عملي قدمن ذريعي ڪيون آهن. هن واضح ڪيو ته پاڪستان جو مقصد هي آهي ته اهي ڪوششون فلسطيني عوام جي ڏُکيائين ۾ گهٽتائيءَ جو سبب بڻجن ۽ گڏيل قومن جي ٺهرائن عالمي قانون موجب هڪ جٽادار ۽ مستقل امن جي قيام طرف اڳڀرائي ٿئي، جيڪا هڪ خودمختيار فلسطيني رياست جي قيام جي نتيجي تي ٻَڌل هجي. هن وڌيڪ چيو ته ڪنهن به امن عمل لاءِ فلسطينين ۽ فلسطيني اٿارٽي جي مڪمل ملڪيت ۽ قيادت اهم حيثيت رکي ٿي. غزه ۾ آڪٽوبر 2023ع ۾ اسرائيلي جنگ شروع ٿيڻ کان پوءِ هاڻ تائين 66 هزار کان وڌيڪ فلسطيني شهيد ٿي چڪا آهن، جن ۾ وڏو انگ عورتن ۽ ٻارن جو آهي. پاڪستاني نمائندي چيو ته غزه صرف فضائي بمباري جو نشانو ناهي بڻيو پر فلسطينين کي زمين تي بُکيو رکي به ماريو پيو وڃي. هن نشاندهي ڪئي ته غزه ۾ اسرائيلي بمباري گهرن، اسڪولن ۽ اسپتالن کي مٽيءَ جو ڍير بڻائي ڇڏيو آهي. ان روشنيءَ ۾ پاڪستاني نمائندي فوري جنگبندي، غزه جي ناڪابندي جي خاتمي ۽ انساني امداد جي بنا رڪاوٽ پهچ، يرغمالين ۽ فلسطيني قيدين جي آزاديءَ جو مطالبو ڪيو. هن فلسطينين جي جبري بي دخلي ۽ اسرائيلي غير قانوني وسندين جي تعمير جي خاتمي، غزه يا اولهه ڪناري سان واڳيل علائقن جي سختيءَ سان مخالفت، گڏيل قومن جي ٺهرائن کي لاڳو ڪرڻ ۽ ٻه رياستي حل جي عملدآرديءَ کي يقيني بڻائڻ تي زور ڀريو. هن ان عزم جو ورجاءُ ڪيو ته پاڪستان فلسطيني عوام سان گڏ بيٺل آهي ۽ خطي ۾ سڀن لاءِ هڪ منصفاڻو ۽ مستحڪم امن جي قيام لاءِ سلامتي ڪائونسل جي ميمبرن ۽ ٻين ڀائيوارن سان گڏجي ڪم ڪندو رهندو.











