ڪينيڊا ڀارت جي لارنس بشنوئي گينگ کي دهشتگرد تنظيم قرار ڏئي ڇڏيو

اوٽاوا -30 سيپٽمبر (اي پي پي) ڪينيڊا ڀارت جي لارنس بشنوئي گينگ کي دهشتگرد تنظيم قرار ڏئي ڇڏيو آهي. گينگ کي جيل ۾ قيد گينگسٽر لارنس بشنوئي هلائي رهيو آهي. ڪشمير ميڊيا سروس موجب ڪينيڊين پبلڪ سيفٽي وزير گيري آنند سنگاري چيو آهي، ته اهو قدم عالمي سطح تي دهشتگردي کي روڪڻ جي ڪوششن جو حصو آهي. هن چيو ته ان گينگ تشدد، ڌمڪين ۽ ٽارگيٽ ڪلنگ ذريعي سڄي ڪينيڊا …

اوٽاوا -30 سيپٽمبر (اي پي پي) ڪينيڊا ڀارت جي لارنس بشنوئي گينگ کي دهشتگرد تنظيم قرار ڏئي ڇڏيو آهي. گينگ کي جيل ۾ قيد گينگسٽر لارنس بشنوئي هلائي رهيو آهي. ڪشمير ميڊيا سروس موجب ڪينيڊين پبلڪ سيفٽي وزير گيري آنند سنگاري چيو آهي، ته اهو قدم عالمي سطح تي دهشتگردي کي روڪڻ جي ڪوششن جو حصو آهي. هن چيو ته ان گينگ تشدد، ڌمڪين ۽ ٽارگيٽ ڪلنگ ذريعي سڄي ڪينيڊا ۾ ترسيل پرڏيهي برادرين ۾ خوف پيدا ڪيو آهي. هن چيو ته گروپ کي دهشتگرد تنظيم قرار ڏيڻ سان اسان کي ان جو مقابلو ڪرڻ ۽ ان جي ڏوهن کي روڪڻ لاءِ مڪمل اختيار حاصل هوندا. هن زور ڀريو ته خوف پيدا ڪرڻ لاءِ برادرين کي نشانو بڻائيندڙ تشدد ۽ دهشتگردي جي ڪينيڊا ۾ ڪا به جڳهه ناهي. دهشتگرد تنظيمن جي فهرست ۾ شامل ڪرڻ کان پوءِ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن کي بشنوئي گينگ جا اثاثا منجمند يا ضبط ڪرڻ، گروپ جي ميمبرن خلاف ڪيس هلائڻ ۽ انهن جي عالمي ڪارروائين کي روڪڻ جو اختيار ملي ويندو. پرڏيهي ميڊيا جو چوڻ آهي ته بشنوئي گينگ تي خالصتان تحريڪ جي اڳواڻ هرديپ سنگهه نجر جي قتل جو الزام آهي. بشنوئي گينگ ڀارتي سياستدان بابا صديق جي قتل ۾ به ملوث آهي ۽ ان کان علاوه گينگ ڀارتي اداڪار سلمان خان کي قتل جون ڌمڪيون به ڏنيون آهن. مقامي اختيارين چيو آهي، ته ان سان قانون لاڳو ڪندڙ ادارن کي دهشتگردي بابت ڏوهن جهڙوڪ فنڊنگ، سفر ۽ ڀرتي کي روڪڻ ۾ مدد ملندي.

مزید خبریں