غزه اسپتال ۾ انڪيوبيٽرز تي رکيل 25 نون ڄاول ٻارن کي اسرائيلي گولا باري سبب سخت خطرا درپيش، کين جلد ڪڍڻو پوندو: يونيسيف

 نيويارڪ - 30 سيٽمبر (اي پي پي)گڏيل قومن جي ٻارن بابت اداري يونيسف چيو آهي ته غزه جي هڪ اسپتال ۾ انڪيوبيٽرز ۾ رکيل 25 نون ڄاول ٻارن کي اسرائيلي گولا باري ۽ جارحاڻي جنگي ڪارروائين سبب شديد مشڪلاتن کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي ۽ انهن جون حياتيون بچائڻ لاءِ کين غزه مان ڪڍڻو پوندو. پرڏيهي خابرو اداري مطابق غزه شهر ۾ اسرائيل پنهنجي بمباري ۽ جارحاڻي جنگي ڪارروائين …

 نيويارڪ – 30 سيٽمبر (اي پي پي)گڏيل قومن جي ٻارن بابت اداري يونيسف چيو آهي ته غزه جي هڪ اسپتال ۾ انڪيوبيٽرز ۾ رکيل 25 نون ڄاول ٻارن کي اسرائيلي گولا باري ۽ جارحاڻي جنگي ڪارروائين سبب شديد مشڪلاتن کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي ۽ انهن جون حياتيون بچائڻ لاءِ کين غزه مان ڪڍڻو پوندو. پرڏيهي خابرو اداري مطابق غزه شهر ۾ اسرائيل پنهنجي بمباري ۽ جارحاڻي جنگي ڪارروائين کي تيز ڪيو ويو آهي. اسپتالون ۽ گهر سڀ بمباري جي لپيٽ ۾ آهن. صحت جي شعبي سان لاڳاپيل فلسطيني اختيارين چيو ته الهيلو اسپتال به مسلسل خطري ۾ آهي ڇو ته ان جي چوڌاري اسرائيلي ٽينڪون موجود آهن جيڪي مسلسل گولا باري ڪري رهيون آهن. ان اسپتال ۾ 12  نوان ڄاول ٻار انڪيوبيٽرز تي رکيل آهن. يونيسيف جي ترجمان چيو آهي ته انهن ٻارن کي فوري طور تي هتان ڪڍڻ جي ضرورت آهي ڇو ته غزه هڪ ڀيرو جنگ جو ميدان بڻجي چڪو آهي. هتي ڪا جڳهه محفوظ ناهي. هن چيو ته انهن نون ڄاول ٻارن کي منتقل ڪندي مسلسل آڪسيجن فراهم ڪندڙ ڊرپس جي ضرورت پوندي خاص ڪري کين بمباري سبب گدلي ماحول کان بچائي ڪري ٻاهر ڪڍڻو پوندو ته جيئن هو ڪنهن انفيڪشن جو شڪار نه ٿي وڃن . ٻي پاسي اڃان تائين اهو واضع ناهي ته جيڪڏهن غزه مان انهن ٻارن کي ٻاهر ڪڍيو ويو ته کين ڪهڙي اسپتال منتقل ڪيو ويندو . ياد رهي ته غزه ۾ جاري اسرائيلي جنگ دوران 66 هزار کان وڌيڪ فلسطيني شهيد ٿي چڪا آهن جن ۾ وڏو انگ ٻارن ۽ عورتن جو آهي . ڪيترائي فلسطيني بک سبب فوت ٿي چڪا آهن پر اسرائيلي بمباري ۽ ٽينڪن جي گولا باري ۾ ڪا گهٽتائي ناهي آئي.

مزید خبریں