برطانيه ۾ غلطي سبب رڪارڊ انگ ۾ قيدي آزاد، انصاف واري وزارت پاران خصوصي ڪميٽي جوڙڻ جو اعلان

لنڊن _ 30 سيپٽمبر (اي پي پي) برطانيه جي انصاف واري وزارت جيل اختيارين طرفان رڪارڊ انگ ۾ قيدين کي غلطي سان آزاد ڪرڻ بعد معاملي جي جاچ لاءِ خصوصي ڪميٽي جوڙڻ جو اعلان ڪيو آهي . پرڏيهي خابرو اداري مطابق مارچ 2024ع کان مارچ 2025ع دوران 262 قيدي غلطي سان آزاد ٿي ويا، جيڪي گذريل سال جي ڀيٽ ۾ 128 سيڪڙو وڌيڪ آهن . رپورٽ مطابق ڪجهه قيدي پيرول …

لنڊن _ 30 سيپٽمبر (اي پي پي) برطانيه جي انصاف واري وزارت جيل اختيارين طرفان رڪارڊ انگ ۾ قيدين کي غلطي سان آزاد ڪرڻ بعد معاملي جي جاچ لاءِ خصوصي ڪميٽي جوڙڻ جو اعلان ڪيو آهي . پرڏيهي خابرو اداري مطابق مارچ 2024ع کان مارچ 2025ع دوران 262 قيدي غلطي سان آزاد ٿي ويا، جيڪي گذريل سال جي ڀيٽ ۾ 128 سيڪڙو وڌيڪ آهن . رپورٽ مطابق ڪجهه قيدي پيرول پروگرام تحت جڏهن ته ٻيا سرڪاري ڪاغذن ۾ غلطين سبب آزاد ٿيا. انصاف واري وزارت معاملي جي جاچ لاءِ خصوصي ڪميٽي جوڙڻ جو اعلان ڪيو آهي.برطانوي اخبار دي ڊيلي ميل مطابق سيپٽمبر 2024ع کان مارچ 2025ع تائين اٽڪل 26 هزار 500 قيدين کي وقت کان اڳ آزاد ڪيو ويو ته جيئن جيلن جي نظام تي دٻاءَ کي گهٽائي سگهجي.

مزید خبریں