واشنگٽن- 28 سيپٽمبر (اي پي پي) آمريڪي پرڏيهي وزير مارڪو روبيو چيو آهي، ته ايران جي ايٽمي پروگرام تي معاهدي جي اميد هاڻي به باقي آهي ۽ سفارتڪاري هاڻي به ممڪن ۽ اثرائتو رستو آهي. پرڏيهي ميڊيا موجب اها ڳالهه هن آمريڪي پرڏيهي کاتي پاران جاري هڪ بيان ۾ چئي. هن چيو ته آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ واضح طور چئي چڪو آهي ته سفارتڪاري هاڻي به هڪ آپشن آهي ۽ …
ايران جي ايٽمي پروگرام تي معاهدي جي اميد برقرار آهي: آمريڪا

مزید خبریں
واشنگٽن- 28 سيپٽمبر (اي پي پي) آمريڪي پرڏيهي وزير مارڪو روبيو چيو آهي، ته ايران جي ايٽمي پروگرام تي معاهدي جي اميد هاڻي به باقي آهي ۽ سفارتڪاري هاڻي به ممڪن ۽ اثرائتو رستو آهي. پرڏيهي ميڊيا موجب اها ڳالهه هن آمريڪي پرڏيهي کاتي پاران جاري هڪ بيان ۾ چئي. هن چيو ته آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ واضح طور چئي چڪو آهي ته سفارتڪاري هاڻي به هڪ آپشن آهي ۽ اهو معاهدو ايران جي عوام ۽ دنيا لاءِ بهترين نتيجو ٿي سگهي ٿو. هن زور ڀريندي چيو ته ان لاءِ ضروري آهي ته ايران سنجيدگي سان سڌي ريت ڳالهين تي راضپو ظاهر ڪري.











