پاڪستان گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي ميمبر جي حيثيت سان علائقائي ۽ عالمي امن ۽ سلامتي جي لاءِ پنهنجو تعميري ڪردار ادا ڪندو رهندو: وزيراعظم شهباز شريف

نيويارڪ _ 27 سيپٽمبر ( اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف گڏيل قومن جي مرڪزي ڪردار سان گڏ گهڻ رخي نظام کي مضبوط بڻائڻ جي لاءِ پاڪستان جي پختي عزم جو ورجاءُ ڪندي چيو آهي ته پاڪستان گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي ميمبر جي حيثيت سان علائقائي ۽ عالمي امن ۽ سلامتي جي لاءِ پنهنجو تعميري ڪردار ادا ڪندو رهندو، دنيا کي گڏجي وڌيڪ موسمياتي مالي وسيلا متحرڪ …

نيويارڪ _ 27 سيپٽمبر ( اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف گڏيل قومن جي مرڪزي ڪردار سان گڏ گهڻ رخي نظام کي مضبوط بڻائڻ جي لاءِ پاڪستان جي پختي عزم جو ورجاءُ ڪندي چيو آهي ته پاڪستان گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي ميمبر جي حيثيت سان علائقائي ۽ عالمي امن ۽ سلامتي جي لاءِ پنهنجو تعميري ڪردار ادا ڪندو رهندو، دنيا کي گڏجي وڌيڪ موسمياتي مالي وسيلا متحرڪ ڪرڻ گهرجن، ڄمون ۽ ڪشمير تڪرار جو گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن موجب منصفاڻو ۽ پرامن حل ڳوليو وڃي. اهڙن خيالن جو اظهار هن گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي 80هين اجلاس جي موقعي تي گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتريس سان ملاقات ۾ ڳالهائيندي ڪيو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف نيويارڪ ۾ گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي اجلاس جي موقعي تي گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتريس سان ملاقات ڪئي. گرمجوش ۽ خوشگوار ماحول ۾ ٿيندڙ ملاقات ۾ وزيراعظم گڏيل قومن جي مرڪزي ڪردار سان گڏ گهڻ رخي نظام کي مضبوط بڻائڻ جي لاءِ پاڪستان جي پختي عزم جو ورجاءُ ڪيو ته جيئن دنيا کي اهم ترين مسئلن جي حل ۾ مدد ملي سگهي. وزيراعظم عالمي امن ۽ استحڪام جي فروغ ۽ اسرندڙ ملڪن جي آواز کي موثر بڻائڻ ۾ سيڪريٽري جنرل جي شاندار قيادت ۽ گڏيل قومن جي ڪردار کي ساراهيو. وزيراعظم پاڪستان ۾ تازي تباهي آڻيندڙ ٻوڏ دوران حڪومت جي امدادي ۽ ريسڪيو ڪوششن کي ساراهڻ تي سيڪريٽري جنرل جا ٿورا مڃيا ۽ زور ڏنو ته دنيا کي گڏجي وڌيڪ موسمياتي مالي وسيلا متحرڪ ڪرڻ گهرجن ته جيئن پاڪستان جهڙن موسمياتي لحاظ کان ڪمزور ملڪن تي ماحولياتي تبديلين جا اثر گهٽ ڪري سگهجن. وزيراعظم پاڪستان جي لاءِ اهم قومي ۽ علائقائي مسئلن تي پڻ ڳالهه ڪئي، جن ۾ ڄمون ۽ ڪشمير تڪرار، سنڌ طاس معاهدي جون خلاف ورزيون ۽ پاڪستان ۾ ٻاهرئين حمايت يافته دهشتگردي شامل آهي. هن ڄمون ۽ ڪشمير تڪرار جو گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن موجب منصفاڻو ۽ پرامن حل ڳولڻ تي زور ڏنو. وزيراعظم تازي پاڪ ڀارت ڇڪتاڻ ۾ گهٽتائي آڻڻ جي لاءِ سيڪريٽري جنرل جي قيادت ۽ مخلصاڻي ڪوششن کي ساراهيو. وزيراعظم غزه جي سنگين صورتحال تي گهري ڳڻتي جو اظهار ڪندي فوري جنگبندي، انساني امداد جي فراهمي ۽ فلسطيني رياست قائم ڪرڻ جي لاءِ ناقابل واپسي سياسي عمل شروع ڪرڻ جي ڪوششن جي حمايت جو ورجاءُ ڪيو. وزيراعظم ان عزم کي پڻ ورجايو ته پاڪستان گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي ميمبر جي حيثيت سان علائقائي ۽ عالمي امن ۽ سلامتي جي لاءِ پنهنجو تعميري ڪردار ادا ڪندو رهندو. سيڪريٽري جنرل گڏيل قومن ۾ پاڪستان جي مضبوط موقف ۽ اهم ڪردار کي ساراهيو، خاص طور تي سلامتي ڪائونسل ۾ اختيار ڪيل اصولي موقف کي خراج تحسين پيش ڪيو. ٻنهي اڳواڻن ان ڳالهه تي اتفاق ڪيو ته دنيا ۾ امن ۽ ترقي کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ گڏيل قومن جي لازمي ڪردار کي وڌيڪ وڌائڻ ۽ مضبوط ڪرڻ جي ضرورت آهي.

مزید خبریں