نائب وزيراعظم اسحاق ڊار پاران ترڪيه کي او آءِ سي پرڏيهي وزيرن واري ڪائونسل جي چيئرمين شپ سنڀالڻ تي مبارڪون

اسلام آباد _ 27 سيپٽمبر ( اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار ترڪيه کي او آءِ سي پرڏيهي وزيرن واري ڪائونسل جي چيئرمين شپ سنڀالڻ تي مبارڪباد ڏني ۽ سيڪريٽري جنرل حسين ابراهيم طحيٰ سميت او آءِ سي سيڪريٽريٽ جي خدمتن کي ساراهيو، مسلمان امت کي درپيش چئلينجز، فلسطين ۾ جاري نسل ڪشيءَ، والاريل ڄمون ۽ ڪشمير جي صورتحال، وڌندڙ اسلامو فوبيا جي لهر …

اسلام آباد _ 27 سيپٽمبر ( اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار ترڪيه کي او آءِ سي پرڏيهي وزيرن واري ڪائونسل جي چيئرمين شپ سنڀالڻ تي مبارڪباد ڏني ۽ سيڪريٽري جنرل حسين ابراهيم طحيٰ سميت او آءِ سي سيڪريٽريٽ جي خدمتن کي ساراهيو، مسلمان امت کي درپيش چئلينجز، فلسطين ۾ جاري نسل ڪشيءَ، والاريل ڄمون ۽ ڪشمير جي صورتحال، وڌندڙ اسلامو فوبيا جي لهر ۽ دهشتگردي جي خلاف فوري، موثر قدمن تي زور ڏنو. پرڏيهي آفيس پاران جاري بيان موجب نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار اسلامي تعاون تنظيم (او آءِ سي) جي پرڏيهي وزيرن جي سالياني رابطا اجلاس کي خطاب ڪندي چيو ته مسلمان امت کي فلسطين ۽ ڪشمير سميت سنگين چئلينجز درپيش آهن، او آءِ سي کي اتحاد ۽ عزم سان انصاف، اصول ۽ سچائي جو آواز بلند ڪرڻو پوندو. غزه ۾ فلسطيني عوام تي ڪيل ظلم نسل ڪشيءَ جي برابر آهن، او آءِ سي فوري ۽ مستقل جنگبندي، اسرائيلي فوج جي مڪمل انخلا ۽ انساني امداد جي بنا رڪاوٽ فراهمي جي لاءِ دٻاءُ وجهي. پاڪستان هڪ آزاد ۽ خودمختيار فلسطيني رياست قائم ڪرڻ جي ڀرپور حمايت ڪري ٿو جيڪا 1967ع کان اڳ جي سرحدن تي ٻڌل هجي ۽ القدس الشريف ان جي گادي وارو شهر هجي. هن ڄمون ۽ ڪشمير جي عوام تي جاري ڀارتي ظلمن کي اجاگر ڪندي چيو ته 5 آگسٽ 2019ع جي غيرقانوني قدمن کانپوءِ ڪشميرين تي ظلمن ۾ وڌيڪ اضافو ٿيو آهي. هن چيو ته ڀارت کي پنهنجا ظالماڻا قانون ختم ڪرڻ، سياسي قيدين جي آزادي ۽ ڪشميري عوام کي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن موجب خودمختياري جو حق ڏيڻ تي مجبور ڪيو وڃي. هن 6 ۽ 7 مئي 2025ع تي پاڪستان جي خلاف ڀارتي جارحيت جي مذمت ڪندي چيو ته ان حملي ۾ 54 معصوم شهري شهيد ٿيا، جڏهن ته پاڪستان پنهنجي دفاع جو حق استعمال ڪندي مناسب ۽ موثر جواب ڏنو ۽ دوست ملڪن جي سهولتڪاري سان جنگبندي کي ”پوزيشن آف اسٽرينٿ“ سان قبول ڪيو. هن او آءِ سي جي ڪوششن کي ساراهيندي چيو ته هاڻي هر سال 15 مارچ اسلامو فوبيا جي خلاف عالمي ڏينهن جي طور تي ملهايو وڃي ٿو ۽ گڏيل قومن ان سلسلي ۾ خصوصي ايلچي پڻ مقرر ڪيو آهي. هن چيو ته پاڪستان دهشتگردي جي لعنت جو سڀ کان وڌيڪ شڪار رهيو آهي، 80 هزار کان وڌيڪ جانين جي قرباني ڏني آهي ۽ 150 ارب ڊالر کان وڌيڪ جو معاشي نقصان کنيو آهي. هن زور ڏنو ته او آءِ سي کي دهشتگردي جي هر شڪل جي خلاف متحد ٿيڻو پوندو. هن چيو ته پاڪستان پرامن، مستحڪم ۽ خوشحال افغانستان جي لاءِ سمورين ڪوششن جي حمايت جاري رکندو، جڏهن ته افغان عبوري حڪومت کي انساني حقن، سياسي شموليت ۽ دهشتگردي جي خاتمي جي حوالي سان پنهنجون ذميواريون پوريون ڪرڻ گهرجن. هن او آءِ سي کي هڪ منصفاڻي عالمي نظام قائم ڪرڻ ۾ موثر ڪردار ادا ڪرڻ تي زور ڏيندي چيو ته تنظيم کي معاشي بحالي، ايس ڊي جيز حاصل ڪرڻ، ماحولياتي تبديلي جي چئلينجز ۽ عالمي مالياتي ۽ واپاري ڍانچن ۾ انصاف جي لاءِ گڏيل موقف اختيار ڪرڻ گهرجي. هن سلامتي ڪائونسل ۾ پاڪستان جي تازي ڪردار کي اجاگر ڪندي چيو ته پاڪستان مسلمان دنيا جي سمورن گڏيل مقصدن کي موثر انداز ۾ اجاگر ڪيو آهي. هن چيو ته ايندڙ نسل اسان جي خطاب نه پر اسان جي قدمن کي ياد رکندي، ان لاءِ مسلمان امت کي انصاف قائم ڪرڻ تائين متحد رهڻو پوندو.

مزید خبریں